آخري ٽي ٽوئنٽي، پاڪستان کي نيوزيلينڊ جي 8 وڪيٽن تان شڪست

ويلنگٽن(ويب ڊيسڪ) 129 جي آسان حدف لاءِ نيوزيلينڊ جي اوپنرز طوفاني انداز ۾ بيٽنگ شروع ڪئي ۽ سڀني فاسٽ بالرن کي ڌوئي لاتو. 10 اوورن ۾ گهربل حدف حاصل ڪري ورتو ۽ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. اوپنرز 93 رنز جي پارٽنرشپ ٺاهي جنهن بعد فن ايلن 27 رنز ٺاهي 7 اوور ۾ سفيان هٿان بولڊ ٿيو. اٺين اوور ۾ شاداب جي بال تي عثمان خان ڪيچ ڊراپ ڪيو، نائين اوور ۾ چيپمين کي سفيان ايل بي ڊبليو ڪيو پر رويو ۾ ناٽ آئوٽ رهيو. جنهن بعد ساڳئي اوور ۾ چيپمين 3 رنز ٺاهي اسٽمپ آئوٽ ٿيو. شاداب جي ٻئي اوور ۾ ٽم سيفرٽ 4 ڇڪا هڻي 10 اوورن ۾ ميچ کٽي ورتي. هن 38 بالن تي 97 رنز جي شاندار اننگ کيڏي. هن اوور ۾ بائونڊري تي حارث رئوف ڪيچ ڊراپ ڪيو. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وڄ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جي آخري ميچ ۾ ميزبان ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنز اسڪور ڪيون. مهمان ٽيم جي بيٽنگ هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام نظر آئي. ڪپتان سلمان آغا 39 بالن تي 51 رنز جي اننگ کيڏي. شاداب خان 28، اوپنر محمد حارث 11 رنسون ٺاهيون باقي ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو. ٻيو اوپنر حسن نواز زيرو تي آئوٽ ٿي ويو، هو پنج ميچز مان هڪ ميچ ۾ 105 تي ناٽ آئوٽ رهيو پر باقي 4 ميچز ۾ زيرو تي آئوٽ ٿيو. عمير يوسف 7، محمد عثمان 7، جهانداد هڪ ۽ حارث رئوف 6 رنسون ٺاهيون. شاهين آفريدي کي هن ميچ ۾ آرام ڪرايو ويو ۽ سندس جاءِ تي محمد علي کي کيڏايو ويو آهي. جيمس نيشام 22 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جيڪب ڊفي 18 رنز ڏئي 2، بن سيئرس ۽ اش سوڍي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو