حيدرآباد (ن س) مظلوم فلسطينين مٿان اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر سعيد ميمڻ ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا پنهنجا هٿيار وڪڻڻ لاءِ دنيا ۾ رت جون نديون وهائي رهيو آهي. فلسطين_اسرائيل جنگ بندي جي معاملي تي آمريڪا جو ويٽو مذمت جوڳو عمل آهي. آمريڪا ويٽو ڪري جنگ کي ڊيگھ ڏياري دنيا کي ٽين عالمي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ چند ملڪن کي ويٽو جو پاور دنيا تي ڏنڊي جي حڪمراني جي علامت آهي. آمريڪا سميت سمورن ملڪن کان ويٽو پاور ڦري دنيا ۾ انصاف ۽ برابري وارو نظام قائم ٿيڻ گهرجي. فلسطينين مٿان اسرائيلي بمباري فورن بند ڪئي وڃي. فلسطينين جي زمينن تي اسرائيل قبضو ختم ڪري. فلسطين جي زمينن تي فلسطينين جو ئي حق آهي. فلسطينين جي مدد لاءِ گڏيل قومن کي هنگامي قدم کڻڻ گهرجن. آزاد فلسطيني رياست جو قيام دنيا جي امن امان لاءِ ضروري آهي. 1967ع واري عرب_اسرائيل جنگ کان اڳ وارين سرحدن جي بنياد تي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي اڳتي اچڻ گهرجي. انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس آمريڪي ونگار وهڻ بدران مظلوم فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ڪندڙ اسرائيلي صدر نيتن ياهو ۽ آمريڪي صدر جوئي بائيڊن جا فورن گرفتاري وارنٽ جاري ڪري. اسرائيلي حڪمران طبقو دنيا جي امن لاءِ خطرو آهي. سنڌ جو عوام مظلوم فلسطينين سان گڏ آهي. اسرائيل جي ترقي پسند قوتن کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي اسرائيلي حڪومت مٿان دٻاءُ وجهي امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ اڳتي اچن. اسرائيلي حڪمرانن سان اسان جي نفرت رنگ، نسل يا مذهب جي بنياد تي ناهي. اسرائيل فلسطينين جي مظلوم عوام مٿان ظلم ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري اسين اسرائيلي حڪمران طبقي سان نفرت ڪريون ٿا. ظالم ۽ جابر ڪهڙي به قوم، رنگ، نسل يا مذهب جو هجي ان سان نفرت ڪرڻ گهرجي. جڳ جهان جي انصاف پسند ۽ امن پسند عوام کي دنيا جي امن لاءِ گڏيل طور تي ڪم جي ضرورت آهي.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار