بلوچستان جي نگران وڏي وزير لاءِ علي مردان جي نالي تي اتفاق

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ بلوچستان جي نگران وڏي وزير لاءِ علي مردان ڊومڪي جي نالي تي اتفاق ٿي ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته علي مردان ڊومڪي جي نالي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارلياماني ڪميٽي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو.بلوچستان اسيمبلي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته علي مردان ڊومڪي جي مقرري لاءِ بلوچستان اسيمبلي سمري اسپيڪر گورنر کي موڪلي ڇڏي آهي.ٻئي طرف گورنر هائوس جي ذريعن به علي مردان ڊومڪي کي نگران وڏو وزير بڻائڻ جي سمري ملڻ جي تصديق ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو