ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ريڊ لائين بي آر تي پروجيڪٽ ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، بي آر ٽي رٿا سان ڪراچي جي لکين ماڻھن جو فائدو ٿيندو. ريڊ لائين بي آر ٽي پروجيڪٽ بابت ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايتون جاري ڪيون ته ريڊ لائين بي آر ٽي پروجيڪٽ جو تعيمراتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ھن چيو ته بي ريڊ لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ ھولڊرز جي ڪاوشن جي ضرورت آھي، ڪوشش اھا ھجڻ گھرجي ته پروجيڪٽ تي ڪم دوران شھرين کي ڪنھن به قسم جي تڪليف جو منھن ڏسڻو نه پوي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ريڊ لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ بابت اجلاس ۾ ريڊ لائين بي آر ٽي پروجيڪٽ ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ لاءِ ڪراچي ۾ ٽينڪ چوڪ کان صفوران چورنگي تائين انڊر پاس جي اڏاوتي ڪم ۾ اڳڀرائي تي به ڳالھيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ تي ڪم جي روزانو جي بنياد تي اڳڀرائي جي نگراني ۽ جائزي لاءِ ھڪ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سيلم راجپوت، سي اي او ٽرانس ڪراچي طفيل پليجو، ٽرانس ڪراچي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين سريش لوڌي، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي نمائندي شوڪت علي علوي، جي ايم ٽرانس ڪراچي پير سجاد، بي آر ٽي جي ڪنسلٽنٽ سر جيمس،سھيل عابدي ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اڏاوتي ڪم جي نگراني ۽ جائزي لاءِ جوڙيل ڪميٽي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت جي سربراھي ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي پروجڪيٽ جي فزيڪل انسپيڪشن ڪندي اڏاوتي ڪم ۽ امڪاني طور تي درپيش مئسلن جو جائزو ورتو.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم