اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط جي معاملي تي رٽائرڊ ججز جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهڻ جو حڪومتي فيصلو رد ڪري ڇڏيو.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جيڪڏهن رٽائرڊ ججز کي ڪميشن ٺاهڻ جو چيو آهي ته اها تاريخي غلطي ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ کي انهي خط تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها.ان سان گڏ ئي هن رٽائرڊ ججز جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهڻ جو حڪومتي فيصلو رد ڪندي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پنج ججز تي ٻڌل ڪميشن ٺاهڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.ٻئي طرف اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته فل ڪورٽ جو فيصلو آيو آهي ته ڪميشن ٺاهيو وڃي اسان ان تي عمل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فل ڪورٽ جي پڌرائي موجب قدم کنيو آهي. هاڻ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪميشن تي تنقيد ڪير ۽ ڇو ڪري رهيو آهي. تنقيد ڪندڙن شايد پڌرائي ناهي پڙهي يا ان کي سمجهيو نه آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز سپريم جوڊيشل ڪونسل کي خط لکي مطالبو ڪيو هو ته اسان جسٽس(ر) شوڪت عزيز صديقي جي جاچ ڪرائڻ جي موقف جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا جيڪڏهن عدليه جي آزادي ۾ مداخلت ٿي رهي هئي ته عدليه جي آزادي کي انڊر مائن ڪندڙ ڪير هئا؟ انهن جي مدد ڪنهن ڪئي؟ سڀني کي جوابده ڪيو وڃي. ته جيئن اهو عمل ٻيهر نه ورجائجي سگهجي. ججز جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ ڪابه رهنمائي نه آهي ته اهڙي صورتحال کي ڪيئن رپورٽ ڪريون. اهڙي معاملي تي سپريم ڪورٽ جا 2 فل ڪورٽ اجلاس ٿيا هئا جڏهن ته چيف جسٽس ۽ وزيراعظم جي ملاقات به ٿي هئي جنهن کان پوءِ حڪومت عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع