رياستي نظام ’چور‘ کي واپس آڻڻ لاءِ سرگرم آهي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته هن وقت سڄو رياستي نظام ان چور کي واپس آڻڻ لاءِ سرگرم آهي جيڪو نه رڳو نااهل آهي پر سزا يافته به آهي.عوام پاران رد ٿيڻ کان پوءِ قوم جو مستند مجرم هونڊا 125، جنت جي ٽڪيٽن جهڙن لالچن ذريعي جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. جلسن کي گهٽين ۾ گهٽ ٿيندي ڏسڻ کان پوءِ اربين روپين سان هڪ مهم هلائي پئي وڃي جنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ لکين ماڻهو مينار پاڪستان تي پهچايا وڃن.قوم جي ذهنن ۾ ماضيءَ ۾ ڏنل رياست مخالف بيان اڄ به قوم جي ذهنن ۾ تازا آهن.ڪنهن به قسم جي آڇون جهڙوڪ برياني، ڪيما نان يا جنت ڏانهن ٽڪيٽون هن ٺڳن جي گروهه کي عوام جي قبوليت حاصل ڪري سگهن ٿيون.سياسي انجنيئرنگ ۽ سموري رياستي مشينري جي استعمال جي باوجود ملڪ جي تباهي جي ذميوارن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو