ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) دنيا جي سڀني کان وڏي نعمت ماءُ آهي، ماءُ کان سواءِ ڪوبه دلاسو نه ڏيندو آهي، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.تفصيل موجب 1911 ۾ آمريڪا جي هڪ رياست ۾ پهريون ڀيرو مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، هر سال مائرن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ هڪ ئي ڏينهن مقرر نه آهي، پاڪستان ۽ اٽلي سميت مختلف ملڪن ۾ اهو ڏينهن مئي جي ٻئي آچر تي ملهايو ويندو آهي.هونئن ته هر ڏينهن ماءُ جو ڏينهن آهي پر خاص طور تي انهي ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد مائرن جي عظمت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي، هر ماءُ قابل تحسين آهي پر ڪجهه مائرون اهڙيون به آهن جيڪي مشڪلات کي چيلينج سمجهي قبول ڪنديون آهن ۽ پنهنجي ٻارن جي بهترين تعليم، تربيت جي خاطر گهرن جي ذميواري ئي نٿيون سنڀالين پر ٻارن جي پيءُ سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي محنت ڪنديون آهن.سمورين مخالفتن ۽ چيلنجز جي باوجود هڪ ماءُ پنهنجي ٻار کي بهترين زندگي ڏيڻ جي لاءِ پريشاني کڻڻ لاءِ هر دم تيار رهندي آهي. ماءُ جو دل ته ٻارن لاءِ ڌڙڪندو آهي ٻارن سان گڏ رهڻ اولين ترجيح آهي پر ان جي بهتر مستقبل لاءِ پيشوارانه ذميواريون به سٺي طريقي سان نڀائيندي آهي.دنيا جو هر رشتو انسان جو ساٿ ڇڏي ڏيندو آهي پر تڏهن به ماءُ آخري دم تائين پنهنجي اولاد جي فڪر ناهي ڇڏيندي، اهو هڪ واحد انساني رشتو آهي جيڪو بنا ڪنهن لالچ جي آهي پر وقت جي ستم ظريقي آهي ته پاڪستان ۾ اولڊ هومز ٺهيا جيڪي هاڻ ڀرجندا پيا وڃن. پنهنجن ٻارن کي پالڻ لاءِ هر ڏک سهندڙ مائرون اولڊ هومز ۾ مختلف اذيتن کي منهن ڏئي رهيون آهن.
ڪراچي دورو،وقت ايندو ته آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چوانداسين
معيشت صحيح رستي تي آهي، سفر ڊگهو آهي، اورنگزيب
سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري پاران 26هين آئيني ترميم چئلينج
فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ڪيس ڪنهن به صورت ۾ نٿو هلي سگهي
ڪراچي ۾ پراڻي پل کي ڊاهڻ سان نئون ڄام صادق پل ٺاهيو ويندو
اڏيرو لال، زڪريا جي بوگي پٽڙي تان لهڻ سبب اپ ٽريڪ بند
ميان صاحب ۾ مريض کڻي ويندڙن کان هٿياربندن جي ڦر
اوٻاوڙو، شادي تقريب ۾ فائرنگ، نينگري فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل
بيروزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي اي وي ٽيڪسي فراهم ڪرڻ جو فيصلو
ڪي پي ۾ پوليو جو هڪ ٻيو ڪيس رپورٽ،اختيارين جي تصديق
اليڪشن ڪميشن کي گنڊاپور خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو حڪم
عورتن تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ غلط تصويرن جي حمايت ڪرڻ سياست ناهي
آرٽيڪل 5 موجب حقن کي به معطل نٿو ڪري سگهجي،عدالت
بزرگن کي گذارش آهي ته غريبن کي معاف ڪن: شيخ رشيد
ڪراچي ايئرپورٽ تان مختلف ملڪن ڏانهن ويندڙ 30 مسافر آف لوڊ
عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري
بئنڪ مان 08 لک ڪڍي کڻي ويندڙ شهري کان ڦرلٽ،جوابدار فرار
غزه جي رهائشي علائقن تي حملا جاري ، 40 فلسطيني شهيد
ميٽا فيڪٽ چيڪ پروگرام ختم ڪرڻ فيصلو
يونس خان افغان ڪرڪيٽ ٽيم جو مينٽر مقرر