سي ايس ايس جي نتيجن جو اعلان، 210 اميدوار ڪامياب

اسلام آباد:(بيورو رپورٽ) سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) امتحان 2023ع جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو ۽ ڪامياب اميدوارن جي شرح 2.96 سيڪڙو آهي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) موجب حتمي طور تي 210 اميدوار ڪامياب ٿيا، ڪامياب اميدوارن ۾ 126 مرد ۽ 84 عورتون شامل آهن.ايف پي ايس سي ٻڌايو ته 13008 اميدوارن لکت امتحان ۾ حصو ورتو هو، 401 اميدوار لکت امتحان پاس ڪري سگهيا.عادل رياض پهرين، شهير بانو ٻي، عڪاشه ابرار ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، ڪامياب اميدوار 17هين گريڊ کان ملازمت جي شروعات ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو