اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 23 ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت عدليه بابت اهم قانون سازي جو فيصلو ڪندي 1997ع جي ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي سپريم ڪورٽ (ججز جو تعداد) ترميمي بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. حڪومتي ميمبر بئريسٽر دانيال چوڌري جي تجويز ڪيل بل جو مواد به سامهون اچي ويو آهي، جنهن موجب سپريم ڪورٽ جي ججن جي تعداد ۾ اضافو ڪيسن جي پسمنظر سبب ضروري آهي. هن وقت هزارين ڪيس التويٰ ۾ آهن، بل جي متن موجب سائبر ڪرائم، ماحولياتي قانون ۽ عالمي واپار جي ڪيسن ۾ ماهرن جي ضرورت آهي. ججن جو تعداد وڌائڻ سان ججن تي غير ضروري دٻاءُ گهٽ ٿيندو، ججن جو وڏو تعداد فيصلن ۾ اختلاف راءِ جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ پاڪستان جهڙن عدالتي نظام وارن ملڪن ۾ ججن جو وڏو تعداد آهي. ان سان ڪيسن جو اڪلاءُ جلدي ممڪن ٿيندو. ياد رهي ته هن وقت سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 17 آهي.
سنڌ ۾ امن و امان جي بدتر صورتحال جو زميوار ڪير؟
سنڌ اسيمبلي ۾ شاگرد يونين جي چونڊن بابت ٺهراءُ رد
ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس ڊي لسٽ
ارم تنوير جي ايس اين ايس آمد،پرنٽ ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري
حڪومت ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ گڏيل عرب امارتن سان رابطي ۾ آهي: نيب
بِٽ ڪوائن جو مُلهه هڪ لک نَو هزار کان وڌيڪ رڪارڊ
ايف بي آر آفيسرن کي روڪ رقم ڏيڻ واري اسڪيم جي منظوري
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو
اتحادي آمهون سامهون،پنجاب پنهنجي حصي مان ڪينال پيو ٺاهي ته اعتراض ڇا جو
وزيراعظم جي اسيمبلي ۾ آمد تي اپوزيشن جو احتجاج، ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون
برطانيا پاڪستاني انب جو سڀ کان وڏو خريدار بڻجي ويو
عدليه کان درخواست آهي ته اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي 11 فيبروري تائين مهلت ڏئي ڇڏي
بينچ کان ڪيس واپس وٺڻ سان عدليه جي آزادي ختم ٿي ويندي
3 ججن جو چيف جسٽس ۽ آئيني بينچ جي سربراهه کي خط
شاهه ۽ لنجار طرفان ڪراچي جي رسالا پوليس اسٽيشن جو دورو
القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصل خلاف اڄ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان
ڪنڀر ڪيس ۾ 18 جوابدارا 7 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي
ڪچي ۾ آپريشن، ڊومڪلي حملي ۾ ملوث ٽي ڏوهاري گرفتار
پوليس جو مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن، گهر گهر جهڙتي