غزه ۾ اسرائيل جا رهائشي علائقن تي حملا، 165 فلسطيني شهيد

غزه(ويب ڊيسڪ) غزه جي رهائشي علائقن تي اسرائيلي فوج جي جارحاڻي حملن ۾ وڌيڪ 165 فلسطيني شهيد ٿي ويا، شهيدن جو انگ 21 هزار 600 کان وڌي ويو. غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۾ حماس جي قبضي ۾ هڪ ٻيو يرغمالي اسرائيلي فوجي به مارجي ويو، جڏهن ته 2 لک 90 هزار کان وڌيڪ گهر ويران ٿي ويا آهن.آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزه جي رهائشي علائقن تي ڊسمبر جي وچ تائين 29 هزار بم ڪيرايا، غزه جي تباهي جديد رڪارڊ ۾ بدترين تباهي بڻجي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو