اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) بيلسٽڪ ميزائل جا پرزا ٺاهيندڙ ڪمپنين تي آمريڪي پابندين جي معاملي تي پاڪستان آمريڪا کي ڳڻتي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ايڪسپورٽ ڪنٽرول سياسي بڻجي چڪو آهي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته آمريڪي انساني حقن تي 2023 واري رپورٽ کي رد ڪريون ٿا، پاڪستان مڪمل رپورٽ کي رد ڪيو، هن رپورٽ جي تياري ۾ گهربل طريقيڪار اختيار نه ڪيو ويو.هن چيو ته پاڪ، چين اقتصادي راهداري تي ڪم جاري آهي، پاڪستان ۽ ايران جو ڪشمير ۽ غزا تي ساڳيو موقف آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط آهن، پاڪستان ۽ ايران جي سربراهن جي ملاقات ۾ علائقائي معاملا بحث هيٺ آيا. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته غزا ۾ جاري نسل ڪشي فوري ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان فلسطين ۾ جاري اسرائيلي ظلمن جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت کي شڪ پکيڙڻ بدران گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪرڻ گهرجي.
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 21 ڊسمبر 2024ع
پروفيسر عبدالستار،تعليم، جدوجهد جو روشن مثال
انساني اسمگلرن ۽ ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪاروائي جھو حڪم