شڪارپور (ن س) شڪارپور پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ 04 ڏوهاري هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي، ساٿي فرار ڪيس داخل. شڪارپور پوليس موجب گذريل رات رستم ٿاڻي جي حد فيضو روڊ ويجهو مرزا واهه وٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو ٿيو، 04 ڏوهاري هٿيارن سميت گرفتار ڪيا ويا، ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ شڪارپور پوليس ڏوهارين خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪري رهي آهي جنهن ۾ امن دشمنن لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي آهي. گذريل رات رستم پوليس کي اطلاع مليو ته فيضو روڊ مرزا واهه ڀرسان ڏوهاري ڏوھ جي نيت سان بيٺا آهن. ايس ايڇ او رستم قربان علي ککراڻي CIA پاسبان انسپيڪٽر اياز احمد کيڙو جي اڳواڻي ۾ ٽيم سان گڏ فيضو روڊ مرزا واهه وٽ پهتو ته پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو ٿي پيو. مقابلي دوران چئن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، ڏوهارين جي قبضي مان جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا، جڏھن ته ساٿي ڏوهاري فرار ٿي ويا، گرفتار ڏوهارين ۾ عبدالحڪيم ولد عبدالخالق، عبدالوهاب ولد عبدالستار، علي گوهر عرف علي بهار جتوئي ۽ ڀاڳيل مهر شامل آهن. گرفتار ڏوهارين جي قبضي مان بندوق ۽ ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. گرفتار ٿيل ڏوهارين جو ڪرمنل رڪارڊ ضلعي شڪارپور جي ٿاڻن ۽ ضلعي شڪارپور جي سرحدي ٿاڻن کان معلوم ڪيو پيو وڃي، ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ پاران پوليس ٽيم کي شاباس جو پيغام ڏيندي چيو ته ڏوهاري کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار