ڪراچي مان اغوا ٿيل 13 سالن جي نينگري مورو مان بازياب

مورو( اياز سولنگي) ڪراچي پوليس ۽ مورو ٿاڻي جي ايس ايڇ او راجا  نويد سرفراز پوليس ساڻ ڪري گڏيل ڪاروائي ڪري مورو شھر جي ٻانڌي روڊ واري علائقي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي ڪراچي مان اغوا ٿيل 13 سالن جي نيگري حنا ولد عبدالستار اوڏ کي بازياب ڪرائي ورتو. جڏهن ته گهر ۾ موجود اغوا ڪندڙ ٻن جوابدارن شعيب مڪراني ۽ آسيه کي گرفتار ڪري مورو ٿاڻي تي کڻي آيا، جتي ضروري ڪاروائي ٿيڻ بعد بازياب ٿيل نيگري حنا ۽ جوابدارن کي ڪراچي پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي. ياد رهي ته ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي تي 28 مارچ 2019 تي نيگري حنا جي وارثن ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ۾ هنن ڄاڻايو هو ته اسان جي نيگري کي اغوا ڪرايو ويو آھي جنهن کان پوء ڪراچي پوليس هن معاملي تي پنهنجي جاچ شروع ڪئي موبائيل نمبر ٽريس ڪرڻ ۽ ٻين شاهدين ذريعي خبر پئي ته اغوا ٿيل نيگري حنا مورو ۾ موجود آھي جيڪا هڪ گهر ۾ باندي بڻيل آھي. جنهن کان پوء ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي جي پوليس هڪ ٽيم تشڪيل ڏئي مورو پهتي ۽ مورو جي پوليس سان گڏجي اغوا ٿيل نيگري بازياب ڪرائي ورتي۔

پهنجو تبصرو موڪليو