اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت پهچڻ تي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي آجيان ڪئي. ٻنهي شخصيتن پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري سان آڪٽوبر ۾ لا انفورسمينٽ ڊائلاگ منعقد ڪيو ويندو.گهرو وزير محسن نقوي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو انگ وڌائڻ ۾ آمريڪي تعاون انتهائي اهميت جوڳو آهي. گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ گهرو وزارت ڀرپور مدد ڪندي. تازي دوري سان نيويارڪ ۾ اسلام آباد پوليس ۽ نيويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. اسلام آباد پوليس جو وفد جلد نيويارڪ جو دورو ڪندو پوليس آفيسرن کي نيويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ مان ٽريننگ ڏيارڻ جا خواهشمند آهيون.گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن اقليتن کي پاڪستان جي آئين جي تحت هڪ جهڙا حق حاصل آهن. اقليتن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويا آهن، جڙانواله سانحي جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي سامهون پيش ڪيو ويو.محسن نقوي وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ ٽي 20 ورلڊ منعقد ڪرڻ ڪامياب رهيو ۽ بهترين انتظام ڪيا ويا. آمريڪا عالمي ڪرڪيٽ جي منزل بڻيو آهي، پاڪستان، آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ٽه ملڪي سيريز ۽ آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ڪرڪيٽ ليگ منعقد ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون.آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته شوقينن جي وڏي انگ دلچسپ ميچن مان مزو ماڻيو. گهرو وزير ۽ آمريڪي سفير جي ملاقات ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد به موجود هئا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خارجي دهشتگرد سرحد پار کان اچن پيا، گنڊاپور
صائم ايوب لنڊن ۾ اڪيلو رهندو،اظهر محمود واپس
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون ڪهڙا نتيجا ڏينديون؟
جيڪب آباد مان پوليو جو نئون ڪيس رپورٽ، انگ 71 ٿي ويو
آرمي چيف جي بنگلاديشي فوج جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان ملاقات
امتحانن بابت تمام گهڻيون شڪايتون آهن، ڪا ٿرڊ پارٽي ناهي: سردار شاهه
افغانستان سان رڳو دهشتگردي نه روڪڻ تي اختلاف آهي، آرمي چيف
اوهان واٽس ايپ ۾ 2025ع جي پهرين وڏي تبديلي نوٽ ڪئي آهي؟
15 آءِ پي پيز سان نوان معاهدا منظور، بجلي سستي ٿيڻ جو امڪان
’پاڪستان ۾ پگهاردار طبقو ٽئڪس ڏيندڙ ٽيون وڏو شعبو آهي‘
16 جنوري کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان
حڪمران سنڌو درياءَ جو رخ ريگستان طرف موڙڻ چاهين پيا
بمبلي مائنر مان پيرسن جو لاش هٿ،پوليس جاچ جاري
سنڌ لاءِ صرف 6 منصوبا رکڻ تي وفاق کي وڏي وزير جو خط
معاشي استحڪام لاءِ چين جي سرمائيڪاري تمام گهڻي اهم آهي
22 ڏينهن گذرڻ باوجود پي ٽي آءِ مطالبا لکت ۾ نه ڏنا آهن
عزير بلوچ پوليس اهلڪار سميت ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس مان آجو
ڪلاڪ ۾ اُڪلائجندڙ ڪيسن ۾ ججن ورهيه لڳائي ڇڏيا: محسن اختر
ماحولياتي آلودگي به اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي:شرجيل ميمڻ
صدر ٽرمپ، غزا ۾ جنگبندي لاءِ پراميد، ڪنهن به وقت اعلان متوقع