گوادر ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا قتل، 3 ٽريلرز کي ساڙي ڇڏيو

گوادر (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خونريزي شروع ٿي وئي آهي، گوادر ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا، هٿياربندن گوادر پورٽ کان افغانستان لاءِ يوريا ڀاڻ کڻي ويندڙ 3 ٽريلرز کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پوليس موجب، فائرنگ جو هڪ ٻيو واقعو پسني ۽ اورماڙا جي وچ ۾ ڪلمت جي علائقي ۾ پيش آيو. جتي دهشتگردن گوادر کان ڪراچي ويندڙ بس کي روڪي مسافرن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري 4 مسافرن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ 3 ٻين کي اغوا ڪري ويا، مارجي ويلن جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو، پوليس موجب فوت ٿيلن مان هڪ جو تعلق ملتان سان آهي، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي،ٻئي طرف، تربت ۾ اڻڄاتل طرف کان فائر ڪيل مارٽر گولو هڪ گهر تي لڳڻ سبب 6 ماڻهو زخمي ٿي پيا. هاءِ ويز پوليس جي ايس ايس پي حفيظ بلوچ جو چوڻ آهي ته آهي ته بلوچستان جي مختلف علائقن جن ۾ تربت، پنجگور، پسني، بولان ڪولپور ۽ مستونگ ۾ به روڊ بلاڪ هجڻ جا اطلاع آهن ۽ سيڪورٽي فورسز متاثر علائقن م روڊ کولرائڻ لاءِ روانو ٿي چڪيون آهن. ن

پهنجو تبصرو موڪليو