آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ڪاميابي ۾ ڪا وڏي رڪاوٽ ناهي

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ڪاميابي ۾ ڪا وڏي رڪاوٽ ناهي، ۽ جلد سٺيون خبرون ملنديون. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، گليشيئر تيزي سان ڳري رهيا آهن، ۽ لاهور ۾ ڪوهيڙو معاشي سرگرمين کي متاثر ڪري ٿو، هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ آبادي ملڪ لاءِ وڏا خطرا آهن،سياري ۾ گهٽ برسات هڪ وڏي خطري جي نشاندهي آهي، ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچاءُ لاءِ فنڊنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو، سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ٻن هفتن ۾ موسمياتي تبديلي لاءِ فنانسنگ تي آءِ ايم ايف سان مثبت ڳالهيون ٿيون، ٻوڏ جي نقصان جي بحالي جي منصوبن لاءِ 10 ارب ڊالر جي امداد جو واعدو ڪيو ويو، اسان قابل عمل منصوبا تيار نه ڪري سگهيا ۽ امداد استعمال نه ڪري سگهياسين، اسان کي موسمياتي فنانسنگ لاءِ قابل عمل منصوبا کڻي اچڻا پوندا، موسمياتي تبديلي کي روڪڻ لاءِ ناڻي واري وزارت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، ناڻي واري وزير چيو ته آلودگي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، آلودگي تي ضابطو آڻڻ اسان لاءِ اصل چئلينج آهي، پاڪستان جو پاڻي جو چڪر متاثر ٿيو آهي، اسان وٽ گهڻو وقت ناهي، وقت گهٽ ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن موسمياتي تبديلي جو مسئلو حل نه ٿيو ته معيشت کي نقصان ٿيندو.هن چيو ته عالمي بينڪ سان ملڪي ڀائيواري تي سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، فنانسنگ سان گڏ صلاحيت جي تعمير کي بهتر بڻائڻو پوندو، ۽ اسان کي موسمياتي حوالي سان ڪارآمد منصوبا پيش ڪرڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو