اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو يونٽ گهٽتائي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.آءِ ايم ايف چيو آهي ته سڀني صارفين کي بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو في يونٽ رليف ملندو. هي رليف ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ليوي مان حاصل ٿيندڙ آمدني مان فراهم ڪيو ويندو.آءِ ايم ايف موجب، ڪيپٽو پاور پلانٽس پاران گئس جي استعمال تي ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي.اهو به چيو ويو آهي ته حڪومت بجلي جي صارفين لاءِ هڪ امدادي پيڪيج تي به ڪم ڪري رهي آهي.هن پيڪيج جو اعلان بين الاقوامي مالي فنڊ جي منظوري سان ڪيو ويندو.
