اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح هلندڙ مالي سال ۾ مقرر هدف حاصل نه ڪري سگهندي.آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊ هلندڙ مالي سال لاءِ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح جي تخميني تي نظرثاني ڪندي ان کي 3.2 سيڪڙو کان گهٽائي 3 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.آءِ ايم ايف اندازو لڳايو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جو هدف هلندڙ مالي سال ۾ حاصل نه ٿيندو، جڏهن ته، ان گذريل سال جي مقابلي ۾ معاشي ترقي جي شرح ۾ واڌ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي.آءِ ايم ايف اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح 2.5 سيڪڙو هئي.آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح هن مالي سال ۾ 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان هلندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي.آڪٽوبر 2024 ۾، آءِ ايم ايف موجوده مالي سال لاءِ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح جو اندازو 3.2 سيڪڙو لڳايو هو.
سنڌ ۾ امن و امان جي بدتر صورتحال جو زميوار ڪير؟
سنڌ اسيمبلي ۾ شاگرد يونين جي چونڊن بابت ٺهراءُ رد
ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس ڊي لسٽ
ارم تنوير جي ايس اين ايس آمد،پرنٽ ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري
حڪومت ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ گڏيل عرب امارتن سان رابطي ۾ آهي: نيب
بِٽ ڪوائن جو مُلهه هڪ لک نَو هزار کان وڌيڪ رڪارڊ
ايف بي آر آفيسرن کي روڪ رقم ڏيڻ واري اسڪيم جي منظوري
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو
اتحادي آمهون سامهون،پنجاب پنهنجي حصي مان ڪينال پيو ٺاهي ته اعتراض ڇا جو
وزيراعظم جي اسيمبلي ۾ آمد تي اپوزيشن جو احتجاج، ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون
برطانيا پاڪستاني انب جو سڀ کان وڏو خريدار بڻجي ويو
عدليه کان درخواست آهي ته اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي 11 فيبروري تائين مهلت ڏئي ڇڏي
بينچ کان ڪيس واپس وٺڻ سان عدليه جي آزادي ختم ٿي ويندي
3 ججن جو چيف جسٽس ۽ آئيني بينچ جي سربراهه کي خط
شاهه ۽ لنجار طرفان ڪراچي جي رسالا پوليس اسٽيشن جو دورو
القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصل خلاف اڄ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان
ڪنڀر ڪيس ۾ 18 جوابدارا 7 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي
ڪچي ۾ آپريشن، ڊومڪلي حملي ۾ ملوث ٽي ڏوهاري گرفتار
پوليس جو مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن، گهر گهر جهڙتي