آءِ ايم ايف پاڪستان سان نئين پروگرام تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان سان نئين پروگرام تي ڳالهيون شروع ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو آهي ته هو ايندڙ مهينن ۾ پاڪستان سان نئين پروگرام تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهن.آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتن ۾ پاڪستان ترقي بابت اڳڪٿي جاري ڪندو.ان کان اڳ آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جولي ڪوزڪ چيو ته پهريون جائزو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان جي معاشي ۽ مالي صورتحال بهتر ٿي آهي.هن چيو ته اسٽينڊنگ معاهدي تحت پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ڏنا ويندا، اميد آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو