معاهدو ٿي ويو،پاڪستان کي 1.17 ارب ڏينداسين: آءِ ايم ايف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي.آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سان ستين ۽ اٺين جائزي جا معاملا طئي ٿي ويا آهن، پر آءِ ايم ايف بورڊ معاهدي جي حتمي منظوري ڏيندو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي مستعدي مانيٽري پاليسي سان گڏ سپلائي ۽ ڊيمانڊ جي مٽاسٽا جي شرح برقرار رکڻي پوندي ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻي پوندي.عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”عالمي مهانگائي ۽ وڏن فيصلن ۾ دير جي ڪري پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن، معيشت ايتري تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي جو گهرج وڌي وئي آهي ته پرڏيهي ادائيگين ۾ به وڏو خسارو ٿيو آهي.عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي 1.17 ارب ڊالر ملندا پر موجوده بجيٽ تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو