سکر (ن س)آءِ بي اي سکر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب ٽيسٽ ۾مجموعي طور 38 هزار 684 اميدوارن لاءِ سهولتون ڏنيون ويون، جنهن ۾ 32 هزار 288 اميدوار شريڪ ٿيا ۽ 6 هزار 396 غير حاضر رهيا، وي سي ڊاڪٽر احمد شيخ جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ جا قطعي نتيجا 18 ڊسمبر تي پڌرا ڪيا ويندا. جاري ڪيل انگ اکرن موجب امتحان سنڌ جي مختلف ٽيسٽ سينٽرن ۾ ٿيو، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ اميدوار ڪراچي جي، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ موجود هئا، جتي 5 هزار 165 اميدوار شريڪ ٿيا. انگ اکرن ۾ چيو ويو ته سڀ کان وڌيڪ حاضري جو ريشو 89 ڏهائي 55 سيڪڙو لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ رهيو، جڏهن ته سڀ کان گهٽ حاضري ڪراچي يونيورسٽي ۾ نظر آئي، ان کانسواءِ حيدرآباد، ڄامشورو ۽ سکر ۾ وڏي تعداد ۾ اميدوار امتحان ۾ شريڪ ٿيا. آءِ بي اي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڄامشورو ۽ ڪراچي ۾ 2 جعلي اميدوار گرفتار ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر احمد شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جي ستن هنڌن تي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي حوالي سان سينٽر قائم ڪيا ويا، سموري اسٽاف ۽ سيبا ٽيسٽنگ سروسز انتظاميا جي محنت سان ٽيسٽ ڪاميابي سان ٿي. هن چيو ته 14 ڊسمبر تي رات تائين شروعاتي نتيجا پڌرا ڪيا ويندا، جن اميدوارن کي شروعاتي نتيجن تي اعتراض هوندو آهي اهي ٽن ڏينهن تائين اعتراض داخل ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته 17 ڊسمبر جي رات دير تائين اعتراض داخل ڪرائي سگهن ٿا، 18 ڊسمبر تي فائنل نتيجا پڌرا ڪيا ويندا. وي سي پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو ته پوري سنڌ ۾ 38 هزار 684 اميدوارن رجسٽريشن ڪرائي، 6هزار 396 اميدوار غير حاضر رهيا، اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ٻه ٻه غير واسطيدار ماڻهو نڪتا، اميدوارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن، جواب نه مليو ته ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. سندس چوڻ هو ته 20 سالن کان ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو پيپر ليڪ ٿيندو رهيو، ان ڪري عدالت جي حڪم تي کين ٽيسٽ جي ذميواري ڏني وئي. وي سي پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو ته کين هڪ مهيني ۾ ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم مليو، جيڪا هُنن ٽن هفتن ۾ ڪامياب ٽيسٽ ڪري ڏيکاري. هن چيو ته پيپر ٺاهڻ کان پيپر پهچائڻ تائين تمام مرحلي کي ان هائوس ۽ ڳجهو رکيو، پي ايم ڊي سي پاران اپرول ڪيل نصاب مان 200 سوالن تي ٻڌل پيپر ٺاهيو، مختلف تعليمي بورڊن جي نصاب جي 2000 سوالن مان 200 سوال پيپر لاءِ چونڊ ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته عام رواجي ٽيسٽ هئي پر جيڪا سنڌ جي عوام موٽ ڏني آهي، سا غيرمعمولي آهي، ڪنڌ جهڪائي عوام جو ٿورو مڃي ٿو.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو