آءِ جي جيل پروڊڪشن آرڊر جي تعميل تائين معطل رهندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽر فيصل سليم چيو آهي ته سينيٽر اعجاز چوڌري کي ٽي ڀيرا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ٿيو ته اسان به آرڊر جاري ڪنداسين. آءِ جي جيل خاني کي به معطل ڪيو وڃي جيستائين هو پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرائي.سينيٽ جي استحقاق بابت ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر تاج حيدر جي صدارت هيٺ ٿيو،آءِ جي پنجاب، آءِ جي جيل پنجاب ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ ڪوٽ لکپت پيش ٿيا،ملاقات دوران اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ٿيڻ جو معاملو اٿاريو ويو،پنجاب جي آءِ جي ۽ جيل جي آءِ جي خلاف درخواست تي غور ڪيو ويو، اجلاس دوران سينيٽر سعديه عباسي چيو ته چيئرمين سينيٽ جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ هڪ سنگين استحقاق آهي. پنجاب جواب ڏيندي چيو ته سينيٽر اعجاز هن وقت ڪارڊيالاجي انسٽيٽيوٽ ۾ داخل آهي،سعديه عباسي اهو به چيو ته جيڪڏهن اڄ اهو نه ٿو ٿي سگهي ته پوءِ اعجاز چوڌري کي سومر تي ڪميٽي آڏو پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو