گھوٽڪي (رپورٽر)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ميرپورماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس جو دورو ڪيو، جتي کيس ضلعي گهوٽڪي ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، ايس ايس پي گهوٽڪي آءِ جي سنڌ کي ڏوهارين خلاف جاري آپريشن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي کي ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڪچي ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليس اهلڪارن کي سرٽيفڪيٽ ۽ انعام پڻ ڏنا ويا.
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2023/02/IGP-Ghulam-Nabi-Memon.jpg)