آءِ سي سي رينڪنگ، بابر ۽ امام ٽاپ تي اچي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم پهرين ۽ اوپنر امام الحق ٻئين نمبر تي آهي. پاڪستان جي فارم اوپنر امام الحق آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ڀارت جي ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڇڏي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جڏهن ٻه پاڪستاني بيٽسمين آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ٽاپ ٻن پوزيشن تي آهن. امام الحق پاڪستان جي تازي ون ڊي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز خلاف گهر ۾ ٽي اڌ سينچريون اسڪور ڪيون. کيس شاندار ڪارڪردگيءَ تي پليئر آف دي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو