آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان آيل آءِ سي سي جي وفد چيئرمين پي سي بي محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ وفد سڪيورٽي انتظامن کي اطمينان بخش قرار ڏنو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب آءِ سي سي جي وفد محسن نقوي سان چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ 2025ع جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ملاقات ۾ سيڪيورٽي انتظامن تي به غور ويچار ڪيو ويو، آءِ سي سي وفد ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ چيمپئنز ٽرافي جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي کين اطمينان بخش قرار ڏنو.ان موقعي تي چيئرمين پي سي بي محسن نقوي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ عالمي سطح تي انتظامن جو يقين ڏياريو.هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن جو ڪم هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو، سمورن ٽيمن جي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا.محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۾ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.پي سي بي چيئرمين چيو ته سمورين ٽيمن جا رانديگر پرامن ۽ محفوظ ماحول ۾ ڪرڪيٽ جي راند مان لطف اندوز ٿيندا، اپ گريڊ ٿيڻ کانپوءِ سهولتون عالمي معيار جون هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو