ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) راولپنڊي ۾ کيڏيل پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جي پچ کي غير معياري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آءِ سي سي ميچ ريفري راولپنڊي ٽيسٽ پچ يا وڪيٽ کي اوسط کان هڪ درجو گهٽ قرار ڏنو، جنهن بعد ٽيسٽ سينٽر کي ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏنو ويو. ان حوالي سان ميچ ريفري رنجن مدوگالي جو چوڻ هو ته ٽيسٽ جي پنجن ڏينهن دوران وڪيٽ جي رويي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي ۽ معمولي بائونس جي باوجود پچ يا وڪيٽ کي ڪو به نقصان نه پهتو. هن چيو ته وڪيٽ ۾ فاسٽ بالرز لاءِ ڪا به رفتار يا بائونس نه هئي ۽ نه ئي ان ميچ ۾ اسپنرز کي ڪا مدد ڏني. هن چيو ته وڪيٽ بيٽنگ ۽ بال جي وچ ۾ ڪنهن به مقابلي جي اجازت نه ڏيندي هئي ان ڪري آءِ سي سي جي هدايتن جي روشني ۾ وڪيٽ کي غير معياري سمجهيو وڃي ٿو.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ