آءِ سي سي ۽ ڀارت پاران چيميپئنز ٽرافي تي پاڪستان جا شرط تسليم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2024 هائبرڊ ماڊل تحت ٿيندي ۽ آءِ سي سي ۽ بي سي سي آءِ طرفان پي سي بي جا شرط تسليم ڪيا ويا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب بورڊ جو آن آفيشل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ سي سي هائبرڊ ماڊل جي منظوري ڏني ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ اصولي معاهدو به ٿي ويو آهي.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هائبرڊ ماڊل جي منظوري سان چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون پاڪستان ۽ دبئي ۾ ٿينديون، 2026 جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم ڀارت نه ويندي ۽ پاڪ – ڀارت گروپ ميچ ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان 2027 کانپوءِ آءِ سي سي وومينز ٽورنامينٽ جي ميزباني ڪندو، جڏهن ته 2026 جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ ميچن جو معاملو پوءِ طئي ٿيندو. ذريعن موجب چيمپيئنز ٽرافي بابت حتمي فيصلو سڀاڻي ٿي ويندو، 3 سالن جي فيوزن ماڊل جي سڀاڻي آءِ سي سي مان منظوري جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي تجويزن کي تسليم ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو