نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ايپل پاران هڪ نئون سيڪيورٽي فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو چورن کي اوهان جي آءِ فون ڊيٽا کان پري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. سمارٽ فونز ۾ واهپيدارن جا حساس تفصيل موجود هوندا آهن جهڙوڪ مختلف سروسز جي اڪائونٽس جون اي ميلز، ڪريڊٽ ڪارڊ جا تفصيل وغيرا. آءِ فون واهپيدارن پاس ڪوڊ ذريعي پنهنجن حساس تفصيلن تائين پهچ حاصل ڪندا آهن. 4 يا 6 نمبرن يا اکرن جو اهو ڪوڊ مختلف ڪمن لاءِ استعمال ٿيندو آهي جهڙوڪ ڪريڊٽ ڪارڊ جا تفصيل ڏسڻ، ايپل آ ڊي جو پاسورڊ تبديل ڪرڻ يا ڊوائيس ۾ محفوظ سمورن پاسورڊز تائين پهچ وغيرا. اهو ئي سبب آهي جو ايپل آءِ فونز جي سيڪيورٽي مضبوط بڻائڻ لا آءِ او ايس 17.3 بيٽا ۾ هڪ نئين فيچر Stolen Device Protection جو اضافو ڪيو آهي. ان فيچر جي زريعي واهپيدار پنهنجي ڊوائيس کي وڌيڪ محفوظ بڻائي سگھندا، پوءِ ڀلي چورن جي به خبر ڇو نه پئجي وڃي، ڊيٽا محفوظ رهندو. ان فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجن حساس تفصيلن تائين پهچي يا ايپل آءِ ڊي ۾ تبديلي فيس آءِ ڊي (چهري جي اسڪين) يا ٽچ آءِ ڊي (فنگر پرنٽ) جهڙن بائيوميٽرڪ طريقن سان ئي ڪري سگھندا. ڪمپني موجب ان فيچر تحت جڏهن ڪو واهپيدار ايپل آءِ پاسورڊ کي تبديل ڪندو، فيس يا فنگر پرنٽ اسڪيننگ کي تبديل ڪندو يا فائنڊ ماءِ آءِ فون کي ٽرن آف ڪندو ته ان کان بائيوميٽرڪ ڊيٽا گھري ويندي. بائيوميٽرڪ ڊيٽا فراهم ڪرڻ کان پوءِ به هڪ ڪلاڪ تائين انتظار ڪرائي وري ڊيٽا گھريو ويندو، جنهن کان پوءِ تبديليون ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. ڪمپني ٻڌايو ته جيتوڻيڪ اهو فيچر بيٽا ورجن واهيدارن کي دستياب آهي پر ٻيا واهپيدار آءِ او ايس جي نئين اپ ڊيٽ کان پوءِ ان کي استعمال ڪري سگھندا. پر واهپيدارن کي اهو فيچر پاڻ ٽرن آن ڪرڻو پوندو. ان لاءِ سيٽنگز ۾ فيس آءِ اينڊ پاسڪوڊ ۾ وڃي Stolen Device Protection جي آپشن کي ٽرن آن ڪرڻو پوندو.
شھيد مير مرتضى ڀٽي جو قتل ڪيس رولڙي جو شڪار
سنڌيار ڪراچي 20 سپيٽمبر 2024ع
سنڌيار سکر 20 سپيٽمبر 2024ع
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي