آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)مهانگن آءِ فونز جي وڌندڙ گهرج آءِ فون چوري جي واقعن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، پر چور رڳو اوهان جو فون ئي ناهي چورائندا، پر اوهان جي ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري بئنڪ اڪائونٽس کي به هيڪ ڪري وٺن ٿا. وال اسٽيٽ جرنل جي رپورٽ موجب، آءِ فون چور اوهان جي پاس ڪوڊ (جيڪو اوهان ڪڏهن انهن جي سامهون استعمال ڪيو هجي) ذريعي اوهان جي ايپل آءِ ڊي تائين رسائي حاصل ڪن ٿا، ۽ پوءِ”فائنڊ مائي آءِ فون“ جو آپشن آف ڪري ڇڏين ٿا ته جيئن فون جي لوڪيشن ٽريڪ نه ٿي سگهي. ان کان پوءِ، اهي چور سولائيءَ سان ”ري ڪوري ڪي“ ري سيٽ ڪري سگهن ٿا. ري ڪوري ڪي جو استعمال ڪندي آءِ فون جو مالڪ پنهنجي تصويرن، پيغامن، ۽ ٻين ڊيٽا تائين پهچ حاصل نٿو ڪري سگھي. ري ڪوري ڪي هڪ ڏکيو 28 انگن تي ٻڌل ڪوڊ آهي جيڪو آءِ فون کي آن لائين هيڪرز کان محفوظ رکندو آهي، ان جي مدد سان واهپيدار پنهنجو پاس ڪوڊ به تبديل ڪري سگهي ٿو. ايپل ڪمپني خبردار ڪيو آهي ته ”اوهان پنهنجن آءِ فونز ۽ پنهنجي ري ڪوري ڪي کي محفوظ رکڻ جا ذميوار آهيو، جيڪڏهن اوهان اِهي ٻئي وڃائي ڇڏيندا ته اوهان کي پنهنجي اڪائونٽ کان هميشه لاءِ لاگ آئوٽ ڪري سگهجي ٿو.“ بهرحال، ڪجهه طريقا آهن جن جي ذريعي ايپل واهپيدار پنهنجي ڊيٽا کي چورن کان محفوظ رکي سگهن ٿا.
پاس ڪوڊ جي حفاظت ڪريو
ايپل ترجمان چيو آهي ته واهپيدار فيس آءِ ڊي يا ٽچ آءِ ڊي جو استعمال ڪن ته جيئن پاس ڪوڊ ڪنهن ٻئي کان محفوظ رهي، گڏوگڏ، هڪ ڏکيو پاس ڪوڊ ترتيب ڏيڻ به ضروري آهي، ۽ جيڪڏهن اوهان کي شڪ آهي ته اوهان جو پاس ڪوڊ جي ڪنهن کي ڄاڻ آهي ته ترت اِهو تبديل ڪري ڇڏيو.
اسڪرين ٽائيم سيٽنگز
آءِ فون سيٽنگز ۾ موجود اسڪرين ٽائيم آپشن ذريعي توهان پنهنجي ٻارن لاءِ آءِ فون ۾ ڪجهه پابنديون لڳائي سگهو ٿا، جيئن ته توهان ڄاڻڻ سگهو ته هو ڊيوائس کي ڪيئن استعمال ڪري رهيا آهن.
آءِ فون سيٽنگز ۾ موجود سيڪنڊري پاس ورڊ ترتيب ڏيڻ وارو آپشن ئي اِهو طريقو آهي جيڪو ڪنهن به واهپيدار کي ايپل آءِ ڊي کي تبديل ڪرڻ کان اڳ گهربل هوندو، جيڪڏهن اوهان اِهو سيڪنڊري پا ورڊ ترتيب ڏئي ڇڏيو ته ايپل آءِ ڊي پاس ورڊ تبديل ڪرڻ کان اڳ چور کي ان ٻئي پاس ورڊ لاءِ چيو ويندو.
فون جو باظابطا طور بيڪ اپ ٺاهيو
آءِ ڪلاوڊ يا آءِ ٽيونز ذريعي باقاعدگي سان ٺاهيل آءِ فون بيڪ اوهان جي فون کي چوري ٿيڻ جي صورت ۾ ڊيٽا رڪوري ۾ مدد ڪري سگھي ٿو.
ان کانسواءِ حساس فائلن ۽ تصويرن کي ٻين ڪلاوڊ سروسز جهڙوڪ گوگل فوٽوز، مائڪروسافٽ ون ڊرائيو، يا ڊراپ باڪس ۾ پڻ اسٽور ڪري سگھجي ٿو، جيتوڻيڪ اِهو طريقو ڪنهن چور کي ڊيوائس تائين پهچ حاصل ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي پر ان صورت ۾ اوهان کي ٿيندڙ نقصانن کي محدود ڪري ڇڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو