ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چين جي سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني هواوي باقي ڪمپنين کي پوئتي ڇڏي دنيا جو پهريون ٽرپل فولڊ ايبل فون ’ميٽ ايڪس ٽي‘متعارف ڪرايو آهي. ايپل پاران آئي فون 16 متعارف ڪرائڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ هاڻي ڪمپني دنيا جو پهريون ٽريپل فولڊ ايبل فون متعارف ڪرائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. نيوز ايجنسي رائٽرز موجب هوواي پاران متعارف ڪرايل دنيا جي پهرين ٽرپل فولڊ ايبل فون ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) فيچرز ۽ ٽولز به موجود آهن، هي فون ٻين ٻولين ۽ خاص ڪري انگريزي کان چيني زبان ۾ ترجمو به ڪري سگهي ٿو. فون ۾ AI وڊيو، فوٽو ۽ آڊيو شامل ڪرڻ جا فيچر پڻ آهن، جڏهن ته ان ۾ بهترين ۽ طاقتور ڪئميرا ٽيڪنالاجي پڻ آهي. فون جي پوئين پاسي ٽي ڪيمرا آهن. جن مان مکيه ڪيمرا 50 ميگا پڪسلز جو آهي، جڏهن ته ٻيا ٻه ڪيمرا ترتيب وار 12 ميگا پڪسل آهن، جڏهن ته فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل جي سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي. ٽريپل فولڊ ايبل فون 5600 mAh جي بيٽري سان گڏ 56 واٽ جو تيز چارجر ۽ 50 واٽ وائرليس چارجر، 16GB ريم، ۽ مختلف ميموري ماڊلز سميت 128، 256 ۽ 512GB ماڊلز ۾ پيش ڪيا ويا آهن. فون جي سڀ کان خاص خوبي ان جي منفرد ڊيزائن آهي، جيڪو کولڻ بعد انگريزي اکر Z وانگر نظر اچي ٿو. هن فون ۾ اڄ تائين روايتي فونن جي ڀيٽ ۾ هڪ وڌيڪ اسڪرين آهي. فون کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي ته جڏهن عام رواجي فون وانگر استعمال ڪيو وڃي ته اسڪرين 7 انچ کان گهٽ هجي، پر جڏهن مڪمل طور تي کوليو وڃي ته اسڪرين 10 انچ ٿي وڃي ۽ ان سان گڏ ٽيبليٽ جي طور تي به استعمال ٿي سگهي. فون جي قيمت 2800 آمريڪي ڊالر يعني لڳ ڀڳ 8 لک پاڪستاني روپين کان شروع ٿئي ٿي جڏهن ته فون جي سڀ کان وڌيڪ ميموري ماڊل جي قيمت 3300 آمريڪي ڊالر يعني 9 لک پاڪستاني روپين کان وڌيڪ آهي. هي فون 20 سيپٽمبر تي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو. آءِ فون به ساڳئي تاريخ مقرر ڪئي آهي.
سنڌودرياءَ مان اضافي واهه، صوبي جي زرعي معيشت لاءِ خطرو آهن، شاهه
ڏکڻ ڪوريا ۾ صدر پاران مارشل لا لاڳو، پارليمان حڪم رد ڪري ڇڏيو
حڪومت يرغمال آهي، فيصلا اسٽيبلشمينٽ پئي ڪري: مالڪ بلوچ
حڪومت، آءِ ايم ايف جي پهرين جائزي ۾ 3 وڏا ٽارگيٽ پورا ڪرڻ ۾ ناڪام
آخري پتو باقي آهي، في الحال استعمال نه ڪندس: عمران خان
پاڪستان جي زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان شڪست، سيريز به کٽي ورتي
هواوي جادوئي ٽيڪنالوجي وارو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو
بلاول سان چيني سفير جي ملاقات،ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون
بهاولپور ۾ هڪ گهر مان 5 ڄڻن جا لاش هٿ
پي ٽي آءِ دهشتگرد گروهه آهي،مريم نواز
حڪومت سان گڏجي سامونڊي علائقن جي ترقي لاءِ سرگرم آهيون
امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام قربانيون ڏنيون آهن: امين
شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: شاهه
ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس، مُک جوابدارن جون ضمانتون واريون درخواستون رد
گهوٽڪي ۾ لڳل گهاري جو نوٽيس،جلد گهاري کي بند ڪرڻ جي هدايت
سانگهڙ ۾ بليڪ ميلنگ سبب نينگري خودڪشي ڪري ڇڏي
پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ احتجاج پرامن ٿيڻ گهرجن:ميٿيو ملر
ڪراچي جي موسم تبديلي،تيز هوائون گھـُلڻ جو امڪان ظاهر
جوهر موڙ ڀرسان رهائشي عمارت ۾ هڪ ڄڻو قتل
جعلي خبرن لاءِ 5 سال قيد، 10 لک رپيا ڏنڊ، شروعاتي مسودو تيار