آئيني بئنچ، سرڪاري ملازمن جي ڀرتين جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ سرڪاري ملازمن جي ڀرتين بابت داخل درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ سرڪاري ملازمن جي ڀرتين بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس عائشه ملڪ درخواستگذار کي چيو ته توهان جي درخواست ۾ درخواست آهي ته سمورا سرڪاري ملازم ڪم نه ڪري رهيا آهن، انهن کي برطرف ڪيو وڃي، توهان انهن سرڪاري آفيسرن جي نشاندهي ڪري لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪريو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان پنهنجي درخواست ۾ ڪنهن به سرڪاري آفيسر جو ذڪر ناهي ڪيو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان جو ڪهڙو ڪم ناهي ٿيو؟ عدالت کي ٻڌايو ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا اسان صدر، وزيراعظم، اسپيڪر ۽ اسيمبلي ميمبرن کي برطرف ڪريون؟،درخواستگذار چيو ته نظام ٽٽل آهي، ڪنهن ۾ سچ ٻڌڻ جي جرئت ناهي،جنهن بعد آئيني بئنچ درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ سائلين نه پهچڻ بابت درخواست رد
ٻئي طرف آئيني بئنچ سائلين کي سپريم ڪورٽ تائين نه پهچڻ بابت درخواست به رد ڪري ڇڏي.درخواستگذار چيو ته 90 سيڪڙو شهرين کي سپريم ڪورٽ تائين رسائي ناهي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان اوهان جا دليل سڌو سنئون ٻڌي رهيا آهيون، وڌيڪ رسائي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ توهان پنهنجي ئي اداري کي تباهه ڪري رهيا آهيو، ڪي چون ٿا ته اسان جي عدليه جو نمبر 120 هون آهي ۽ ڪي چون ٿا ته 150 هون نمبر تي آهي، مون کي خبر ناهي ته اهڙا نمبر ڪٿان آيا؟

پهنجو تبصرو موڪليو