اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي ۽ سينيئر جج منصور علي شاهه جي تجويز جي ابتڙ ججن جي مقرري لاءِ ڳجهي ايجنسي جي رپورٽ تي ڪميشن کي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جتي رولز بابت فيصلو ٿيو ۽ تجويز ڪيل رولز جي معمولي تبديلي سان منظوري ڏني وئي.ذريعن موجب، تجويز ڪيل رولز ۾ معمولي تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ نئين ايڊيشنل ججن لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ جو شرط ختم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪنهن اميدوار جي انٽيليجنس رپورٽ وٺڻ نه وٺڻ ڪميشن جو اختيار هوندو . حتمي ڊرافٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس لاءِ ٽن نالن تي غور ڪيو ويندو ۽ سينيئر جج کي چيف جسٽس نه بڻائڻ جو سبب لازمي طور ڄاڻائڻو پوندو. ذريعن موجب، ڪميشن جو رولز تي اجلاس کانپوءِ آئيني بئنچ جي واڌ واري ايجنڊا تي ٻيو اجلاس ٿيو ۽ سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ کي وڌيڪ ڇهن مهينن لاءِ واڌ ڏني وئي آهي. آئيني بئنچ برقرار رکڻ جو فيصلو ست ڇهه جي تناسب سان ٿيو، جسٽس جمال مندوخيل سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن کي آئيني بئنچ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني جڏهن ته ووٽنگ ۾ ست ميمبرن بئنچ برقرار رکڻ جي حق ۾ فيصلو ڏنو. جڊيشل ڪميشن نئين رولز تحت ايڊيشنل ججن جي نامزدگين لاءِ ٽي جنوري تائين نالا طلب ڪري ورتا ۽ ايڊيشنل ججن لاءِ نامزدگيون لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ذريعي اُماڻيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل ججن لاءِ اڳواٽ اُماڻيل نالا متفقه طور تي واپس ورتا ويا آهن.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار