آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ماحولياتي آلودگي بابت قدمن تي سمورن صوبن کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن.سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم کانپوءِ ماحولياتي آلودگي بابت پهريون ڀيرو آئيني ڪيس جي ٻڌڻي اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پهريون ڀيرو آئيني بينچ ڪري رهي آهي.ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته هو ماحوليات بابت سمورا معاملا ڏسندا، جڏهن ته جسٽس مسرت هلالي چيو ته ملڪ ۾ هر هنڌ هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون وينديون آهن.جسٽس نسيم حسن شاهه کي خط مليو ته اسلام آباد کي صنعتي زون بڻايو پيو وڃي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ماحولياتي آلودگي رڳو اسلام آباد نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، گاڏين جو دونهون ماحولياتي آلودگي جو وڏو سبب آهي، ڇا تماڪ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن؟ جسٽس نعيم اختر چيو ته هائوسنگ سوسائٽين سبب زمينون تباهه ٿي رهيون آهن، هارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. قدرت اسان کي زرخيز زمين ڏني آهي پر هر ڪو ان کي تباهه ڪرڻ تي ويٺو آهي، توهان پنهنجي نسلن لاءِ ڇا پيا ڪريو؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پنجاب جي حالت سڀني جي سامهون آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ به اهڙيون حالتون هيون.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته انوائرمينٽ پروٽيڪشن اٿارٽي پنهنجو ڪردار ڇو نه ادا ڪري رهي آهي؟ ڪيس 1993ع کان هلي رهيو آهي، هاڻي اهو ڪيس بند ڪيو وڃي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سڄو ملڪ ماحوليات جي سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پيٽرول ۾ ڪا شيءِ ملي ٿي جيڪا آلودگي جو سبب بڻجي ٿي.جسٽس مسرت هلالي چيو ته مانسهره ۾ هنڌن تي پولٽري فارم ۽ ماربل فيڪٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، سوات ۾ اهڙيون خوبصورت جايون گهٽ آهن جيڪي آلودگي جو شڪار ٿيون آهن.آئيني بئنچ سمورن صوبن کان ماحولياتي آلودگي تي کنيل قدمن تي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جي درخواست تي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو