آئيني ترميم، مسودي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، مشاورت لاءِ مهلت طلب

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) 26 هين آئيني ترميم بابت پارليمان جي خصوصي ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ مسودي تي اتفاق نه ٿي سگهيو. مختلف سياسي ڌرين پنهنجي قيادت سان مشاورت لاءِ وقت گهري ورتو. اجلاس ۾ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي پنهنجو پنهنجو ڊرافٽ پيش ڪيو جيڪو سڀني جماعتن سان شيئر ڪيو ويو. اجلاس بعد ميديا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسانجو موقف آهي ته آئيني ترميم جو مسودو چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ ڄاڻايل عدالتي سڌارن تائين محدود ڪيو وڃي. جيڪڏهن مسلم ليگ(ن) ان ۾ ٻيا معاملا به شامل ڪرڻ چاهي ٿي ته اهو سندن حق آهي پر پوءِ معاملو اينگهندو ويندو. اسين چاهيون ٿا ته واٽر اڪارڊ، بينظير انڪم سپورٽ ۽ ڏکڻ پنجاب جا معاملا به ان ۾ شامل ڪيا وڃن. پوءِ ته معاملو تڪڙو نه نبرندو. اسين چاهيون ٿا ته سڀني جماعتن جي اتفاق سان معاملو حل ڪريون. هن هڪ سوال تي چيو ته اسانجي ڊرافٽ ۾ وفاق ۽ چئني صوبن ۾ آئيني عدالتن جو قيام ۽ ججن جي ڀرتي جي طريقيڪار بابت آهي. پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومتي ڊرافٽ مونجهارن جو شڪار آهي، پيپلز پارٽي جو موقف سان ڪافي حد تائين سهمت آهيون. هن چيو ته اسانجي اڳواڻڻ جي وفد کي باني سان جيل ۾ ملاقات ڪرائي وڃي جيئن ساڻس مشاورت ڪري گائيڊ لائين وٺي سگهون. بعد ۾ مولانا فضل الرحمان ويندي ويندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ پهريون ڀيرو حڪومتي ڊرافٽ مليو آهي ان تي غور ڪنداسين. هن واضح ڪيو ته اسين عدالتي آزادي، جمهوري ۽ بنيادي آئيني حقن تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين. اسين نٿا چاهيون ته هڪ اداري کي طاقتور ڪريون ۽ ٻين کي ڪمزور ڪريون. اسانجي ڪوشش آهي ته اتفاق راءِ سان ترميم پاس ڪريون. هن چيو ته 18هين ترميم جي منظوري م 9 مهينا لڳا، هاڻي 9 ڪلاڪ ۽ 9 ڏينهن به نه ملندا ته اهو ڪيئن ٿيندو. هن چيو ته مان سڀني ڌرين تي زور ٿو ڏيان ته تڪڙ ۾ آئيني ترميم منظور نه ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو