آئيني ترميمن وارو معاملو ڪڏهن طئي ٿيندو ڪجهه نٿو چئي سگهجي: مولانا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تصديق ڪئي آهي ته حڪومت پهريون ڀيرو آئيني ترميم بابت پنهنجو ڊرافٽ اسان سان شيئر ڪيو آهي.اسپيشل ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت اڄ پهريون ڀيرو پنهنجو ڊرافٽ شيئر ڪيو، حڪومت سان سندن ڳالهه ٻولهه شروع چڪي آهي، ڏسڻو آهي ته ڳالهيون ڪٿي ٿيون پهچن.هن چيو ته پ پ جون تجويزون پڻ سامهون آيون آهن، پ پ ۽ جي يو آءِ قيادت ۾ ڳالهيون ٿينديون، ڪوشش ڪنداسين ته هڪ ڊرافٽ تي اتفاق ٿئي، هو پنهنجو ڊرافٽ پي ٽي آءِ سان به شيئر ڪندا ته جئين اتفاق راءِ حاصل ٿي سگهي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته آئيني ترميمن واري معاملي ۾ تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي، 18 هين ترميم ۾ به 9 مهينا لڳي ويا هئا، اڄ ڪير چوي ٿو ته 9 ڪلاڪ يا نه ڏينهن به نه ڏينداسين ته اِها سٺي ڳالهه نه آهي.حڪومت طرفان پي ٽي ايم تي پابندي بابت سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪنهن به غير هٿياربند تنظيم تي پابندي مڙهڻ جي حق ۾ نه آهيان.هن چيو ته پشتون برادري جي حيثيت سان جي يو آءِ پشتون قومي جرڳي ۾ شرڪت ڪندي، جي يو آءِ جي نمائندن جو وفد جرڳي ۾ شرڪت ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ صوبائي ۽ قومي حقن جي علمبرداري رهي آهي، تعصب ۽ قتل، دهشتگرديءَ جا مخالف آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو