آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئيني ترميم تي حڪومت جو مسودو مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي هاڻ ته هي چئي رهيا آهن ته اهو اسان جو مسودو نه هو، ڇا جيڪو مسودو پهريان ڏنو ويو اها هڪ راند هئي؟پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جي رهائشگاهه تي پهچڻ تي صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسد قيصر به مون وٽ ايندو رهندو آهي انهي منهنجي گهڻي ماني کاڌي آهي، هاڻ آئون پاڻ سندس ماني کائڻ آيو آهيان.مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت جو مسودو مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو هاڻ ته هي چئي رهيا آهن ته اهو مسودو اسان جو نه هو ڇا جيڪو مسودو پهريان ڏنو ويو هو اها هڪ راند هئي؟ مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اهو مسودو ڪنهن به حوالي سان قبول ڪرڻ جوڳو نه هو. اها قوم سان وڏي خيانت ٿئي هئا جيڪڏهن اسان انهي ترميم جو ساٿ ڏيون ها.مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ باني عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ڳالهين جي حوالي سان جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ اڳوڻو صدر عارف علوي ۽ رئوف حسن به مانجهندي ۾ شريڪ ٿيا. اسد قيصر گذريل ڏينهن مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي وڃي کيس مانجهاندي جي دعوت ڏني هئي. آئيني ترميم جي لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي. انهي سلسلي ۾ اسد قيصر تمام گهڻو متحرڪ رهيو. عارف علوي به مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو