آئيني ترميم جي سمورن معاملن کي غيرقانوني سمجهون ٿا: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ سمورين سياسي پارٽين جي نبست بهترين پارٽي چونڊون ڪرايون. سپريم ڪورٽ جو مخصوص سيٽن بابت فيصلو آيو، انهي ۾ به اسان جي انٽرا پارٽي چونڊن کي مڃيو ويو آهي.اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊ ڪيس جي ٻڌڻي هئي، اسان اليڪشن ڪميشن جي اختيار موجب قانوني سوالن جا جواب ڏئي چڪا هئاسين لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فائنل آرڊر پاس ڪرڻ کان روڪي رکيو آهي. اسان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن فائل ڪئي هئي اها اليڪشن ڪميشن جي اختيار ۾ نه آهي، اميد آهي ته اهو مسئلو هاڻ ختم ٿي ويندو.بيرسٽر گوهر چيو ته اسان کان اليڪشن ڪميشن جيڪو به گهريو اسان پورو ڪيو، اليڪشن ڪميشن جيڪي قانوني سوال اٿاريا انهي جو جواب جمع ڪرائي چڪا آهيون. اليڪشن ڪميشن جيڪي به دستاويزات گهريا اهي اسان ڏئي چڪا آهيون. پي ٽي آءِ سمورين سياسي پارٽين جي نسبت بهتر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون. سپريم ڪورٽ جو مخصوص سيٽن بابت فيصلو آيو انهي ۾ به اسان جي انٽرا پارٽي چونڊن کي مڃيو ويو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهي اسان جا ئي ايم اين ايز آهن، اسان کي مخصوص سيٽون به ملڻيون هيون. اسان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست به داخل ڪئي هئي. لاهور ها3 ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن کي فائنل آرڊر جاري ڪرڻ کان روڪيو آهي.بيرسٽر گوهر چيو ته اسان آئيني ترميم جي سمورن معاملن کي غيرقانوني سمجهون ٿا انهي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي بائيڪات جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پارلياماني ڪميٽي لاءِ 7 وڳي تائين نالا گهريا ويا هئا. سياسي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته جيڪو ٿيو اهو سڀ غيرقانوني آهي. اسيمبلي جي فلور تي به چيو ته اسان ڪنهن به شيءَ سان اتفاق نه ڪيو آهي، سياسي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته اسان انهي پراسيس جو حصو نه بڻجنداسين اسان سموري پراسيس کي غيرقانوني سمجهون ٿا ۽ ڪميٽي اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو