آئي فون 16 سيريز اڄ لانچ، قيمتون ڇا هونديون؟

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ايپل انڪارپوريشن اڄ پنهنجي آئي فون 16 سيريز کي شروع ڪري رهيو آهي.ڪمپني جي هن نئين سيريز جا 4 ماڊل آئي فون 16، 16 پلس، 16 پرو ۽ 16 پرو ميڪس آهن جيڪي ايپل انٽيليجنس يعني جنريٽو آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ٻڌل هوندا.صارفين آئي فون 16 سيريز جي لانچ جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن ۽ گذريل ڪجهه عرصي کان هن نئين ايپل سيريز جي ڊيزائن، فيچرز ۽ قيمتن بابت ميڊيا جون ڪيتريون ئي خبرون اچي رهيون آهن.ان حوالي سان تازو ئي هڪ رپورٽ سامهون آئي آهي جنهن موجب هن سيريز جي آئي فون 16 جي انٽري ماڊل جي قيمت 799 ڊالرز کان شروع ٿيندي، يعني اٽڪل 2 لک 23 هزار پاڪستاني رپيه، آئي فون 16 پلس جي قيمت 899 ڊالرن کان شروع ٿيندي. يعني اٽڪل 2 ان جي قيمت 51 هزار پاڪستاني روپين کان شروع ٿيندي، جڏهن ته آئي فون 16 پرو جي قيمت 1099 ڊالرز يعني لڳ ڀڳ 3 لک 7 هزار کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. پرو ميڪس جي قيمت 1 هزار 199 ڊالرن کان شروع ٿيندي يعني اٽڪل 3 لک 35 هزار رپيا،ياد رهي ته اهي قيمتون آمريڪي مارڪيٽ لاءِ آهن پر پاڪستاني صارفين کي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٻين اضافي ٽيڪسن سبب اهي نوان آئي فونز خريد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.ڪمپني پاران اڄ آئي فون 16 سيريز متعارف ڪرائڻ بعد ان نئين سيريز جا سمورا ماڊل سڀاڻي کان مارڪيٽ ۾ دستياب هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو