آبادگارن کي پاڻي نه مليو،ايريگيشن آفيس آڏو احتجاج

جاتي ( ن س ) جاتي تعلقه جي مختلف شاخن جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو ويو، سجاول ۾ تعلقه جاتي جي مختلف شاخن شير خان، گڏهاپ، جاتي مائينر، بيگناه ۽ ٻين شاخن جي آباگارن عادل لغاري، ممتاز ٿهمور، طيب ڍيرو، محمد خان چالڪو، غلام علي سميجو، غلام حسين داڙيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايريڪيشن آفيس سجاول اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ايريڪيشن انتظاميه پاران سهڪار نه ڪرڻ تي سوين آبادگارن ۽ هارين ٻيهر سجاول ويجهو برانچ موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. آبادگارن روڊ جي ٻنهي طرفن کان رڪاوٽون وجهي ٺٽو ۽ سجاول روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ ايريڪيشن انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪندي هنن چيو ته جاتي تعلقه جي وڏين شاخن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري اسان جا ساريالو ٻيجا سڪي ختم ٿي ويا، پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪي رهيا آھيون جانور اڃ وگهي مرڻ لڳا آھن، ماڻھو هاڻي لڏ پلاڻ ڪري وڃڻ تي مجبور آھن، هنن چيو ته اسان کي هر سال پاڻي جي مد ۾ تباه ۽ برباد ڪيو وڃي ٿو ايريڪيشن انجنيئر آفيس اڳيان ڪافي دانهون ڪوڪو ڪيون آھن پر ڪير به اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن وڌيڪ چيو ته مٿي ٻوڏ جهڙي صورت حال پيدا ٿي وئي آھي پر هتي اسان کي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي، جڏهن ٻوڏ اچي ٿي ته اسان کي هٿرادو ٻوڙهيو وڃي ٿو، ڌرڻي کي هڪ ڪلاڪ گذرڻ بعد اڳوڻو ضلع ناظم سيد شفقت شاه شيرازي جي خاطري بعد آبادگارن ڌرڻو ختم ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو