آخري بال تي گلف جائنٽس لاءِ ايم آءِ امارات خلاف فتح

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ليگ ٽي 20 ۾ گلف گائنٽس دلچسپ مقابلي کانپوءِ ايم آءِ ايمريٽس کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ميچ جو فيصلو آخري بال تي ڪيو ويو.ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ايم آءِ امارٽس جي ٽيم گلف جائنٽس خلاف پهرين بيٽنگ ڪندي آخري اوور ۾ 139 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.نڪولس پورون 42 ۽ محمد وسيم 29 رنسن سان گڏ ڪرس جورڊن 3 وڪيٽون ورتيون.جواب ۾ گلف گيئنٽس 140 رنسن جو هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي ميچ جي آخري بال تي حاصل ڪري ورتو.ٽام بينٽن 45، ڪرس لين 28 ۽ جيمز ونس 26 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ٽيم کي شيمرون هيٽمائر ۽ ڪرس جورڊن هدف تائين پهچايو.ياد رهي ته ايونٽ جا دلچسپ مقابلا جيو سپر پاران لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو