هراري (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورز ۾ ٽن وڪيٽن تي 163 رنز اسڪور ڪيو. جواب ۾ زمبابوي 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 141 رنز ٺاهي سگهي ۽ پاڪستان 24 رنز تان کين شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي.
رضوان ۽ شرجيل خان اننگ شروع ڪئي ۽ شرجيل 18 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪپتان بابر اعظم 5 چوڪن جي مدد سان 46 بالن تي 52 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. فخر الزمان پهرين بال تي ڪيچ ٿي ويو، حسن علي ۽ رضوان ناٽ آئوٽ رهيا. رضوان 89 رنز ٺاهيون. ٽئي وڪيٽون لِيوڪ جونگوي ورتيون. پوئين ميچ ۾ هن 4 وڪيٽون ورتيون هيون. بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ۾ تيز ترين 2000 رنز ٺاهڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو ۽ ويرات ڪوهلي کان اهو اعزاز کسي ورتو.
ٽن ميچز جي سيريز ۾ هڪ هڪ ميچ ٻنهي ٽيمن کٽي آهي ۽ جيڪا ٽيم اڄوڪي ميچ کٽيندي اها سيريز کٽي ويندي. گذريل ميچ م 118 رنز جو آسان ٽارگٽ پاڪستان حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو ۽ پوري ٽيم 99 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي. ٽئي ميچز هراري جي ڪرڪٽ اسٽڊيم ۾ بنا تماشائن جي ٿيون آهن. ٻنهي ملڪن ۾ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز به ٿيندي.
پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ شڪست بعد زمبابوي پهتي هئي. ميزبان ٽيم پاران اوپننگ وِيزلي مڌيويري ۽ تريسائي مساڪاندا اوپننگ ڪئي ٻنهي شاندار بيٽنگ ڪندي سٺي ابتدا ڪئي پر 37 جي مجموعي اسڪور تي تريسائي 11 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ٽي ماروماني آيو ۽ ٻئي وڪيٽ 102 جي مجموعي اسڪور تي 4 چوڪا هڻي 35 رنز ٺاهيندڙ ماروماني آئوٽ ٿيو. 109 جي مجموعي اسڪور تي مڌيويري 59 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، هن 7 چوڪا هنيا. جنهن بعد ڪو به رانديگر ڄمي کيڏي نه سگهيو ۽ ڌڙا ڌڙ وڪيٽون ڪرنديون رهيون. حسن علي 18 رنز عيوض 4 وڪيٽون ورتيون، حارث رئوف رنز تي 2، حسنين 26 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي ۽ فهيم اشرف، حفيظ ۽ عثمان قادر کي ڪا وڪيٽ نه ملي، حفيظ ۽ عثمان ٻه ٻه اوور ڪرايا.
حسن علي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. محمد رضوان کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو . ٻنهي ملڪن ۾ 29 کان ٽيسٽ سيريز شروع ٿيندي.