آدم ڳڻپ بابت خدشا ختم نه ٿيا ته سي سي آءِ ۾ ووٽ نه ڏبو، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري بابت سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته سي سي آءِ ۾ ووٽ ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندس،ڪراچي جي صحافين سان فون تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير چيو ته آدمشماري بابت سنڌ جا خدشا پهرين ڏينهن کان موجود آهن،هن چيو ته آدمشماري جو معاملو اڃا تائين سي سي آءِ ۾ نه آيو آهي، وفاق کي سنڌ جي خدشن کان آگاهه ڪيو اٿئون،مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي تڪ بندين يا ٻئي ڪنهن به سبب جي ڪري اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي حامي نه آهي..

پهنجو تبصرو موڪليو