آرمي ايڪٽ موجب فوجي عدالتن جا اختيار ڪهڙا آهن؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ عام ماڻهن جي فوجي ٽرائل جي ڪيس ۾ آئيني بينچ جي جج جسٽس جمال مندوخيل سوال اٿاريو ته آرمي ايڪٽ موجب فوجي عدالتن کي ڪهڙا اختيار آهن.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي فوجي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سزا يافته ملزم ارم جنيد جو وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏئي رهيو آهي.سلمان اڪرم راجا چيو ته ايف بي علي ڪيس ۾ فيصلو 1962 جي آئين جي مطابق ڪيو ويو، ايف بي علي ڪيس ۾ چيو ويو ته عام ماڻهن جو ٽرائل صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن بنيادي حق پورا ٿين.ان تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ايف بي علي پاڻ هڪ سويلين هو، ان جو ڪورٽ مارشل ڪيئن ٿيو؟ جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته آرمي ايڪٽ موجب فوجي عدالتن کي ڪهڙا اختيار آهن؟ ڇا فوج کان ٻاهر ڪنهن شخص تي صرف ڏوهه جي بنياد تي فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائي سگهجي ٿو؟

پهنجو تبصرو موڪليو