آرمي چيف جي واپارين کي ايس آءِ ايف سي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان واپاري برادري کي خصوصي سرمائيڪاري سهوليت ڪونسل(ايس آءِ ايف سي) سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪراچي جي دوري دوران واپارين سان ملاقات ڪئي انهي دوران معيشت بابت اهم معاملا به غور هيٺ آيا.آرمي چيف چيو ته ڪراچي جي واپاري برادري جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪيا ويندا. هڪ سال اڳ چيو هو ته مايوس نه ٿيو، مايوسي گناهه آهي. پاڪستان جي خوشحالي جي باري ۾ ڪڏهن به اميد ناهي ڇڏڻي، معاشري ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوششن کي گڏيل ڪاوشن سان شڪست ڏني.هن چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ بهتر صلاحيت رکي ٿو. بي پناهه وسيلا ۽ صلاحيت کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني قوم پنهنجو جائز هنڌ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.جنرل عاصم منير چيو ته مغربي سرحد تي اسمگلنگ تي ڪنٽرول ڪرڻ سان معيشت تي بهتر اثر پيا. پاڙيسري ملڪن جو پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪردار تعريف جوڳو آهي، چين، سعودي عرب ۽ يو اي اي طفان پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪردار تعريف جوڳو آهي. جڏهن ته گوگل، اسٽار لنڪ ۽ ٻيون عالمي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪري رهيون آهن. ڪاروباري برادري جي تعاون کان سواءِ اهي ڪاميابيون ممڪن نه هيون.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي روشن مستقبل تي سڀني کي ڀروسو هجڻ گهرجي. فوج غيرقانوني سرگرمين جي خلاف ڪارروائي لاءِ پرعزم آهي. انهي دوران آرمي چيف واپاري برادري کي ايس آءِ ايف سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو