آزادي ۽ رواداريءَ جو امين عالم،سائين عزيزﷲ ٻوهيو!

عبدالجبار مڱريو
(ٽئين ورسيءَ جي موقعي تي ڀيٽا)
دنيا جي انساني تاريخ هن ڳالھ تي شاهد آهي ته، جيڪي ماڻهو حالتن جي رحم و ڪرم تي، وائڙائپ ۽ ڀاڙيائپ واري لوڀي ۽ زنگيل زندگي گذاريندا آهن، اهي وقت جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويندا آهن، پر جيڪي مڻيادار ماڻهو سچ ۽ آدرش جا اُجرا گل کڻي، هڪ محڪوم سماج جي کوٽين روايتن کان بغاوت ڪري، آزادي ۽ انقلاب جي سُرهاڻ ورهائيندا آهن، پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد سان اصول پرستي ۽ سچائيءَ جا مثال قائم ڪري ويندا آهن، اهي امر انسان مرندا ناهن، پر تاريخ جي پيشانيءَ تي اجري صبح جو اهڃاڻ بڻجي جرڪندا آهن، وقت سندن ڪردار تي واري ناهي ورائي سگهندو- سال 1946ع جي مارچ مهيني ۾ 14هين تاريخ تي، ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ خير محمد ٻوهيو جي هڪ پرائمري استاد عبدالرئوف ٻوهيي جي ڪچي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو سچي سون جهڙو ساکائتو قومي ڪردار ۽ سچار عالم سائين عزيزﷲ ٻوهيو صاحب پڻ اهڙو لوڪ کان نرالو آدرشي انسان ھو، جيڪو موت سان فوت نه ٿيو، پر هڪ شفاف شخصيت، انسان دوست عالم ۽ وطن دوست سياسي ڪردار جي صورت ۾ سنڌ جي حافظي تي تازي گلاب جيان مهڪي رهيو آهي.
سائين عزيزﷲ ٻوهيو مختلف گلن سان جهنجهيل اهڙي گلدان جهڙي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت دين شناسي، وطن دوستي، رواداري، سادگي ۽ اصول پرستيءَ جا انيڪ رنگ شامل هئا، سندس شخصيت جو هر پاسو مثالي ۽ مانائتو هو- هُو مذهب جي تنگ ڳلين ۾ پلجڻ باوجود، پنهنجي ويڪري وطن سان بيٺل روادار عالم به هو، ته بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ وارو سادو ۽ سچو قومي اڳواڻ به هو، اڻٿڪ جدوجهد ۽ ورچي نه ويهڻ؛ سندس شخصيت جو عنوان هو، جو اڌ صديءَ جي سياسي سفر ۾ ڪڏهن به مايوس ٿي ماٺ ڪري نه ويٺو، جهر جهنگ وڃي قومي شعور جي روشني ورهائڻ ۽ هر سياسي سڏ تي پنهنجي هڙان وڙان پهچڻ سندس سڃاڻپ بڻيل هئي، هُو واسينگن جي واٽ تي ھلندڙ اهڙو گودڙي پوش مسافر هو، جنهن پنهنجي پنڌ جي بدلي طمع جي تنوار نه ڪئي، پر تعزيرن جا تاج پائي به مُرڪندو رهيو.
سائين ٻوھيو صاحب هڪ انسان دوست عالم جي حيثيت ۾ ايترو ته روادار ماڻهو هو، جو قرآن حڪيم جي هن فرمان ته: وَ لَقَدۡ کَرَّمۡنَا بَنِیۡۤ اٰدَم: بنا شڪ جي اسان آدم جي اولاد کي عزت وارو بڻايو آهي (بني اسرائيل: 70) ۽ سورت الانعام جي آيت نمبر 132 جي پڌرائيءَ مطابق ته:وَ لِکُلٍّ دَرَجٰتٌ مِّمَّا عَمِلُوۡا: سڀني ماڻهن کي مرتبا، سندن عملن جي بنياد تي ڏنا ويندا؛ جي بنياد تي پاڻ ڪنهن ڪولهي ۽ سيد ۾ ڪوئي فرق نه رکندو هو ۽ سماجي مرتبي جو معيار ڪلمي نه، پر ڪردار کي قرار ڏيندو هو، سندس مذهب کان مٿاهين قومي ڀائيچاري واري سوچ ئي هئي، جو ڪن مذهبي انتهاپسندن پاران ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ وصيت ڪيائين ته، کيس لاڏاڻي کان پوءِ مٽياريءَ لڳ ڀيلن جي قبرستان ۾ دفنايو وڃي ۽ جيڪڏهن ڀيل ڀوري جي پلاند ۾ سندس لاش ڪڍي ڦٽو ڪن، ته کين اهو حق به ڏنو وڃي، اها الڳ ڳالھ آھي ته، ڪن سببن جي ڪري سائينءَ جي وصيت تي عمل نه ٿي سگهيو – سندس ان سوچ جو بنيادي محرڪ اهو فڪر هو ته، پاڻ قرآن حڪيم کي ڪنهن مخصوص مذهب جي ميراث نه، پر پوري انسانيت لاءِ ماڻهپي جي اصول تي ٻڌل عالمي پڌرنامو مڃيندي، انساني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ هر ايماندار ماڻهوءَ کي قرآني تعليمات جو وارث قرار ڏيندو هو، جڏهن ته ماڻهن کي مذهبي فرقن جي نالي تي ورهائيندڙ مسلڪن کي قرآن حڪيم جو منڪر سڏيندي چوندو هو ته: “ملائيت جو موت، اسلام جي نشاۃ ثانيه آهي.”
سائين عزيزﷲ ٻوهيو قرآني تعليمات جو وڏو عالم هو، پاڻ قرآني فڪر جي تشهير جي لاءِ، 50 جي لڳ ڀڳ ننڍا، وڏا ڪتاب لکي توڻي وڊيو بيانن جي صورت ۾، دين اسلام کي محدثن ۽ فقيھن جي محتاجيءَ کان آزاد ڪري پيش ڪرڻ ۾ نرالو ڪردار ادا ڪري ۽ اسلام جي انسان دوستي، وطن دوستي ۽ فڪري آزاديءَ وارن پاسن کي اجاگر ڪري، ذهني سجاڳيءَ جا مثبت لاڙا متعارف ڪرايائين، جن رخن جي مختصر جهلڪ هن ريت آهي:
1. قومي آزادي:
ٻوهيي صاحب قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ مدلل نموني ثابت ڪيو ته، محڪوم قومن جي آزادي سندن پيدائشي حق ۽ آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد پيغمبرن جي فڪر جو تسلسل آهي، ان سلسلي ۾ پاڻ پنهنجي قرآني تفسير، احسن الحديث جي جلد 2، پني پاسي 97 تي، سورت اعراف جي آيت نمبر 105 جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:“موسيٰ عليه السلام جو فرعون جي اڳيان، اَرسِل مَعيَ بَنِي اِسرائيلَ(بني اسرائيل کي مون سان گڏ آزاد ڪري موڪل!) جو مطالبو، صرف بني اسرائيل جي قومي آزاديءَ جو ون پوائنٽ منشور هو، سندن مقصد پنهنجي وطن واپسي لاءِ آزاديءَ جي گُهر هئي، نڪي اهل فرعون سان جنگ ڪري، مصر تي قبضو ڪرڻ!”
2. فڪري آزادي:
ٻوهيو صاحب فڪر جي آزاديءَ کي، لَا اِکۡرَاہَ فِي الدين جي بنياد تي، ماڻهوءَ جو بنيادي حق سمجهندي، پنهنجي قرآني تفسير ، احسن الحديث جي جلد پھرئين جي پني پاسي 357 تي، سورت البقرہ جي 256 نمبر آيت جي حوالي سان لکي ٿو ته:“دين قبول ڪرائڻ ۾ زور زبردستي نه آهي، هدايت ۽ گمراهيءَ جا رستا کليل آهن، جنهن جي مرضي پنهنجي پسند واري راھ اختيار ڪري.” جڏهن ته پاڻ بلاسفيمي قانون کي قرآن مخالف قرار ڏيندي، پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾، قرآن حڪيم جي سورت انعام جي آيت نمبر 68 جي حوالي سان هيءُ موقف اختيار ڪيائين ته:“قرآن حڪيم ۾ ﷲ جي آيتن جو مذاق اڏائڻ وارن گستاخن جي سزا هيءَ ٻڌايل آهي ته، توهان صرف توهين ڪندڙن جي مجلس مان واڪ آئوٽ ڪري کين غلطيءَ جو احساس ڏياريو، مٿن تشدد ڪرڻ يا کين قتل ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، پر ساڻن مستقل طور سماجي بائيڪاٽ به نه ڪريو، بلاسفيمي قانون ماڻهن کي اسلام بيزار بڻائڻ جي عالمي ايجنڊا آهي، هتان جا حڪمران ۽ مذهبي ڌريون صرف ڪِرائي جي مُهري وارو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن!”
3. معاشي برابري:
ٻوھيو صاحب معاشي سوچ جي حوالي سان غير طبقاتي نظام جي حق ۾ هو، پاڻ احسن الحديث جلد 2، جي پني پاسي 363 تي، سورت النحل جي آيت نمبر 71 جو خلاصو بيان ڪندي لکي ٿو ته:“رزق جي ورهاست جو معيار ڪمائيءَ جون ذهني صلاحيتون نه، پر انساني ضرورتون آهن، جن ۾ گهر، ماني، لباس، صحت ۽ تعليم جهڙيون بنيادي ضرورتون اچي وڃن ٿيون، انهن ضرورتن ۾ رياست جو پٽيوالو، وزير ۽ حڪمران برابر آهن، ان ڪري رزق جي ورهاست برابريءَ جي بنياد تي ڪئي ويندي.”
4. انسانيت جو اتحاد:
ٻوھيو صاحب قوميتن ۽ مذهبن جي فرق کان مٿاهين عالمي انساني اتحاد جو قائل روشن خيال عالم هو، پاڻ پنهنجي قرآني تفسير احسن الحديث، جلد 1، پني پاسي 323 تي، سورت البقرہ جي آيت نمبر 214، 213، 212 جي حوالي سان لکي ٿو ته:“پنهنجي ابتدائي دور ۾ انسانيت هڪ برادريءَ جي مثل هئي، پوءِ پيداواري وسيلن جي ڇڪتاڻ انسانيت کي ورهائي، دنيا کي جهنم بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته هاڻي انسانيت کي متحد ڪرڻ ۽ دنيا کي جنت بڻائڻ جو نسخو هيءُ آهي ته، قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ طبقاتي نظام جو خاتمو آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته آخرت جي جنت به انهن ماڻهن جي لاءِ آهي، جيڪي دنيا کي جنت بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪن!”
5, نارين جي خودمختياري:
سائين عزيزﷲ نارين ۽ مائين جي مٿان مرد جي حاڪميت کي رد ڪندي، پنهنجي قرآني تفسير احسن الحديث جي جلد 1، پني پاسي 466 تي، سورت النساء جي 19 نمبر آيت جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته: ”معاشرن اندر عورتن کي ورثي جو مال سمجهي، مٿن جبر سان مالڪي ڄمائڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي، جيڪڏھن عورتون توهان سان معاشرتي تجربي جي بنياد تي نڪاح ٽوڙڻ چاهين، ته صرف مهر ۾ ڏنل مال بچائڻ لاءِ، کين جدا ٿيڻ کان نه روڪيو، ڇاڪاڻ ته هن آيت ۾ ﷲ سائينءَ عورت کي خودمختيار ۽ آزاد پرسنلٽيءَ جي طور تي، مستقل شخصيت قرار ڏنو آهي!“
سائين عزيزﷲ ٻوهيو ذهين عالم ھجڻ سان گڏ، مدبر سياستدان به هو، پاڻ عمر جي آخري حصي ۾ اڪثر چوندو هو ته:“ھن ملڪ جي اصل مالڪن جي هيءَ سامراجي ايجنڊا آهي ته؛ سنڌ جي سرزمين کپي، سنڌي ماڻهن کان سواءِ! جنهن لاء هُو مختلف بهانن سان سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ مستقبل ۾ جبري گمشدگين ۽ سياسي قتلن جو سلسلو تيزيءَ سان وڌندو، ان ڪري سنڌ جي وطن دوست ڌُرين کي گھرجي ته، پارٽين ۽ حڪمت عملين جا فرق پاسي تي رکي، سنڌ جي سرزمين ۽ پنهنجو قومي وجود بچائڻ جي لاءِ متحد ٿين.”
سنڌ جو يگانو سياسي ۽ علمي ڪردار سائين عزيزﷲ ٻوهيو سال 2021ع جي نومبر مهيني جي 2 تاريخ تي جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو، پر سندس وطن دوست ڪردار ۽ سياسي، علمي پورهيو، قومي سرمايي طور اسان وٽ محفوظ آهي- قومي غلامي ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ جي اهڙي دور ۾، جو مذهب جي اڏيءَ تي سنڌي ماڻهن جو قومي وجود ڪپي، سنڌ جي سرزمين ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺان کسڪائي پئي وڃي، سنڌ کي پنهنجي ان آزادي پسند روادار عالم عزيزﷲ ٻوهيي جي وطن دوست سوچ ۽ اڻٿڪ جدوجهد جي انداز کي اپنائڻ جي ضرورت آهي، جيڪو سنڌ کي پارٽين، حڪمت عملين ۽ مسلڪن جي فرق کان گهڻو مٿاهون سمجهندو هو، جنهن وٽ محمد انس راڄپر جي مسجد جي ماني ۽ نيڻورام آشرم جي مانيءَ ۾ ڪو فرق نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو