آسٽريليا جو پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.قومي ٽيم ايندڙ مهيني نومبر ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندي، دوري دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.پاڪستان خلاف ون ڊي ميچز لاءِ آسٽريلوي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آسٽريلوي ٽيم جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪندا.ون ڊي سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شين ايبٽ، ڪوپر ڪنولي، جيڪ فريزر مڪگرڪ، ايرون هارڊي، جوش هيزل ووڊ، جوش انگلس، مارنوس لبوشين، گلين ميڪسويل، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ، ميٿيو شارٽ مارڪس، اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا کي شامل ڪيو ويو آهي.آسٽريلي ٽيم اسڪواڊ جي حوالي سان چيف سليڪٽر جارج بيلي جو چوڻ آهي ته چئمپينز ٽرافي کان اڳ هي آخري ون ڊي سيريز آهي، تنهن ڪري اسڪواڊ ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.جارج بيلي جو چوڻ هو ته فيبروري ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ چئمپينز ٽرافي لاءِ سندس اسڪواڊ جي تجربي کي وڌائڻ جو موقعو آهي.واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي ميچز 4، 8 ۽ 10 نومبر تي کيڏيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو