ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٻئي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جي پهرين اننگز ۾ بيٽنگ جاري آهي ۽ آسٽريليا 8 وڪيٽن جي نقصان تي 505 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ڪراچي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي راند پڄاڻي تي پهتي آهي ۽ هن وقت مچل اسٽارڪ 28 ۽ پيٽ ڪمنز بنا ڪنهن رنسون ٺاهڻ جي وڪيٽ تي موجود آهن. اڄ آسٽريليا ٻئي ڏينهن جي راند شروع ڪئي ته پهرين اننگ ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 215 رنسون ٺاهيون هيون. عثمان خواجه 127 ۽ ناٿن ليون صفر تي بيٽنگ ڪري رهيا هئا. ٻنهي بيٽسمينن پنهنجي ٽيم جي اسڪور کي اڳتي وڌايو پر ناٿن ليون 304 جي مجموعي اسڪور تي 38 رنسون ٺاهي فهيم اشرف جي هٿان بولڊ ٿي ويو. ٽريوس هيڊ به 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته عثمان خواجه 160 رنسن تي ساجد خان جي هٿان بولڊ ٿيو، ڪيمرون گرين 28 جي انفرادي اسڪور تي نعمان علي کي بولڊ ڪيو، ايلڪس ڪيري 93 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ بابر اعظم جي بال تي آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان فهيم اشرف ۽ ساجد خان 2-2 جڏهن ته نعمان علي، حسن علي ۽ بابر اعظم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڪراچي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا هن وقت تائين 180 اوور کيڏيا آهن، جيڪا ايشيا ۾ ڪينگروز جي 42 سالن ۾ سڀ کان ڊگهي اننگز آهي، آسٽريليا 1980 ۾ سڀ کان وڌيڪ 211 اوور ۽ 2008 ۾ نئين دهلي ۾ 179.3 اوور کيڏيا هئا. اها نيشنل اسٽيڊيم ۾ 60 سالن ۾ ڪنهن دوري واري ٽيم جي ڊگهي اننگ پڻ آهي، 1962ع ۾ انگلينڊ 233 اوور کيڏيا، 2000ع ۾ انگلينڊ 179.1 اوور کيڏيا.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ