آسٽريليا ۾ هيٽ ويو سبب ڪرڪيٽر فوت

ايڊليڊ (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي شهر ايڊيليڊ ۾ هيٽ ويو دوران کيڏيل ميچ دوران هڪ ڪرڪيٽر فوت ٿي ويو.آسٽريلوي ميڊيا موجب، ڏکڻ آسٽريليا جي ڪنڪورڊيا ڪاليج اوول ۾ هيٽ ويو دوران هڪ ميچ کيڏيو پئي ويو جڏهن 40 سالن جو جنيد ظفر خان ڪري پيو ۽ اٿي نه سگهيو، رپورٽن موجب، جنهن وقت ميچ کيڏيو پيو وڃي ان وقت گرمي پد 41.7 ڊگري سينٽي گريڊ هو. اولڊ ڪنڪورڊيا ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگر پهريان 40 اوور فيلڊنگ ڪئي ۽ پوءِ 7 اوور بيٽنگ ڪئي. آسٽريلوي ميڊيا موجب، ڪرڪيٽر جي زمين تي ڪرڻ سان ئي ايمبولينس کي ڪال ڪئي وئي ۽ طبي عملي سي پي آر ڪيو، پر اهي جنيد ظفر جي جان بچائڻ ۾ ناڪام رهيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪرڪيٽر جي دوست چيو ته جنيد ظفر خان روزو رکي رهيو هو پر ميچ واري ڏينهن کيس پاڻي پيئندي ڏٺو ويو. ڪلب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته طبي عملي پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي، پر بدقسمتي سان ڪرڪيٽر کي بچائي نه سگهيو. ڪلب کي رانديگر جي موت تي تمام گهڻو ڏک آهي. ايڊيليڊ ٽرف ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ضابطن موجب، جيڪڏهن گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي هجي ته ميچ منسوخ ڪيا ويندا آهن، ۽ جيڪڏهن گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي هجي ته ميچ خاص احتياط سان کيڏيا ويندا آهن. اسلامڪ سوسائٽي جي صدر موجب، جنيد ظفر خان جي موت جو ڪو به سرڪاري سبب اڃا تائين اعلان نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪو به ثبوت ناهي ته روزو اوچتو طبي واقعا پيدا ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو