آصف زردار جا ٽيسٽ جاري في الحال پمز ۾ رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اياز مهر) اڳوڻي صدر جا اربع تي به پمز اسپتال ۾ ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ ڊاڪٽرن جي سفارش تي کيس صحتيابي ۽ ٽيسٽ مڪمل ٿيڻ تائين اسپتال م رکڻ جي مشوري سبب کيس پمز ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت جي حڪم تي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ جي سفارش تي نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرادري کي چيڪ اپ لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي پمز اسپتال پهچايو هو، جتي سندس معائنو ڪيو پيو وڃي. گذريل هفتي احتساب عدالت طبي بورڊ جي سفارشن جي روشني ۾ کيس اسپتال موڪلڻ جو حڪوم ڏنو هو. اسپتال ۾ سندسن خون ۽ پيشاب جا نمونا ورتا ويا جنهن بعد وڌيڪ چڪاس لاءِ دل جي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو. جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ عدالتي رمانڊ تي اڊياله جيل ۾ قيد زرداري کي بڪتر بند گاڏي ۾ اسپتال آندو ويو. جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خدا ڪري مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واري مقصد ۾ ڪامياب وڃي. جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته حڪومت ڪنٽينر رکي رستا بلاڪ ڪري رهي آهي ته هن چيو ته ايئن ته ٿيندو آهي اهڙن معاملن ۾. ياد رهي ته 10 جون تي ضمانت رد ٿيڻ بعد کيس نيب گرفتار ڪيو هو ۽ نيب وٽ جسماني رمانڊ ۾ رهڻ بعد کيس 16آگسٽ تي اڊياله جيل موڪليو هو. نيب اڱاري تي صبح جو کيس فريال ٽالپور سان گڏ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت ٻنهي کي 12 نومبر تائين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو . جنهن بعد نيب کيس پمز اسپتال منتقل ڪيو. عدالتي حڪم تي سيپٽمبر ۾ کيس مساج واري وهيل چيئر، اخبارون. ڪتاب ۽ دوائون رکڻ لاءِ آئيس باڪس جون سهولتون فراهم ڪيون هيون. سندس شگر ۽ بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ لاءِ طبي عملو به ڏنو ويو هو پر کيس ايئر ڪنڊيشنڊ نه ڏنو ويو هو. اسپتال جي جنهن ڪمري ۾ رکيو ويندو ان کي کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل پيشي تي هن عدالت کي شڪايت ڪئي هئي ته سندس شگر، بلڊ پريشر، دل ۽ هائپر ٽينشن جون بيماريون آهن، جنهن تي عدالت کيس چيو هو ته جيل انتظاميه سان ڳالهايو.

پهنجو تبصرو موڪليو