آـٔي ايم ايف جو ڊو مور چين جي پريشاني ملڪي سياست

حبيب ٽالاڻي
اسان جي عوام پاران پنھنجي قيمتي ووٽن سان چونڊيل اسان جي وفاقي حڪومت جتي اڳ ۾ ـٔي ملڪي سياسي مامرن جنھن عمران خان وارو اشو وري 27ھين آـٔيني ترميم واري نـٔين تراني ۽ امـن امان واري مسـٔلي سبب پريشان ھـٔي ته مٿان وري مالياتي سال جي پھرين چـٔن مھينن ۾ ٽيڪس وصوليون مقرر حد تاـٔين نه ٿيڻ ۽ وري مٿان آـٔي ايم ايف پاران مني بجيٽ جي فرماـٔش ڄڻ ته اسان جي پيارن حڪمرانن جي مٿي جي سور کي سوين فيصد وڌاـٔي ڇڏيو ھجي ھڪڙي پاسي اسان جا حڪمران ملڪي معيشت جا ترانا پيا ڳاـٔن ته بابا اسان جي حڪمراني ۾ ملڪ واھ جو ترقي پيو ڪري ته ٻـٔي پاسي ٽيڪس وصوليون ظاھرٿيون ڪن ته معيشت بھتر ضرور ٿي آھي پر اھا بھتري ملڪ جي پنھنجي ڪماـٔي جي ڪري نه پر پرڏيھي قرضن جي ڪلھي تي چڙھي بھتر ٿي آھي ھاڻي ملڪ جي پنھنجي ڪماـٔي خرچن کان گھٽ ھوندي ۽ خرچ وڌيڪ ھوندا ته پوء بابا گھرمطلب ملڪ ھلندو ڪيـٔن؟اھي خبرون به آھن ته آـٔي ايم ايف پاران مني بجيٽ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي ھاڻي حڪومت لاء پريشاني واري ڳالھ اھا آھي ته آـٔي ايم ايف کي راضي ڪيـٔن ڪري؟ ۽ وري اھم ڳالھ اھا آھي ته حڪومت لاء آـٔي ايم ايف کي راضي ڪرڻ انتھاـٔي ضروري آھي ان ڪري ته جيڪڏھن اسان وارن پيارن حڪمرانن آـٔي ايم ايف کي راضي نه ڪيو ته پوء آـٔي ايم ايف کان ملندڙ ٻـٔي قسط ۾ کين سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پوندو ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته اسان وارا ھمراھ ڪيـٔن ٿا آـٔي ايم ايف کي راضي ڪري وٺن؟ ڪو وڙ وڪڙ ڏـٔي وٺن ته ٻـٔي ڳالھ آھي باقي اسان وارن ھمراھن جا ڪم رڳو ڪاغزن تاـٔي محدود آھـن اصل ۾ وڙ وڪڙ وارو لفظ اسان ڪامريڊي واري دور ۾ استعمال ڪندا ھـٔاسين جڏھن اسان کي سنڌ جي قومي اشوز تي احتجاج ڪرڻو ھوندو ھو ھڪ پاسي پرويزمشرف جي حڪمراني ھوندي ھـٔي احتجاجن تي پابندي لڳل ھوندي ھـٔي ۽ ڪجھ مالي مسـٔلا به ھوندا ھـٔا ته اسان وارو ضلعي صدر مولابخش کوسو چوندو ھو ته يار حبيب ڪو بلو ڪر وڙ وڪڙ ڏيـٔي ڪم ڪڍ ٻيو ڪو رستو آھي ـٔي نه سو مونکي لڳي ٿو ٿا پاڻ وارا ھمراھ به اڳ ۾ آـٔي ايم ايف کي مولابخش وارا وڙوڪڙ ڏيڻ جو ڪوشش ڪندا جي اھي راضي ٿيا ته ٺيڪ نه ته مني بجيٽ اسان عوام لاء سمجھو تيار آھي ان سڄي معاشي صورتحال ۾ ھڪ ڳالھ جيڪا انتھاـٔي منجھاـٔيندڙ ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ آھي ته اسان جا پيارا حڪمران توڙي ڪجھ پرڏيھي ادارن جا رپورٽ اھو ظاھر ڪن ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ مھنگاـٔي جي شرح گھٽ ٿي آھي اسان جي حڪمرانن ۽ ڪجھ پرڏيھي ادارن جي اھڙين ڳالھين توڙي رپورٽن تي اسان کي حيرت ٿـٔي ته اسان جي ملڪ ۾ مھنگاـٔي گھٽ ٿي آھي ھاڻي انھن خدا جي مخلوقن کي سمجھاـٔي ڪير ته بابا مھنگاـٔي گھٽ ٿيڻ جا ترانا ته ڳايو پيا ٻڌايو ته سحي ڪھڙي شـٔي سستي ٿي آھي؟ رڳو پيٽرول ۽ ۽ ڊيزل جي اگھ ۾ ٿيل ڪجھ گھٽتاـٔي کي ڏسي سستاـٔپ سستاـٔپ لڳاـٔي ويٺو آھيو سواء اٽي کان ٻي ڪاشـٔي ٻڌايو جيڪا سستي ٿي ھجي؟ دواـٔون سستيون ٿيون آھن؟ڊاڪٽرن جا فيس گھٽ ٿيا آھن؟ يا وري بيمارين جي ٽيسٽ ڪرڻ جا اگھ گھٽ ٿيا آھن؟گيھ پيسٽ دالون چانور گيس بجلي ڪپڙا ڪپڙن جي سلاـٔي مسواڙ مشينون سولر بيٽريون چپل ڪتاب اسپيـٔرپارٽس اليڪٽرڪ مٽيريل ڇا جون قيمتون گھٽ ٿيون آھن؟جو مھنگاـٔي جي گھٽجڻ جو ترانووڏي شان ۽ شوقت سان ڳاـٔي ٻڌايو پيو وڃي پيٽرول ڊيزل گھٽ ٿيڻ تي ڇا پراـٔيويٽ ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گھٽايا ويا؟ ٿيو ته ڪجھ به ناھين بس ڪاغزن ۾ پيا دنيا کي وڙوڪڙ ڏين ته بابا اسان صبح جو نيرن مريخ تي وري ڊنر چنڊ تي ڪندا آھيون ھي رڪارڊ ڏسو ۽ پوء تاڙيون وڄڻ وارو سلسلو شروع بس پنھنجو پاڻ ڄاڻن باقي اسان جھڙن مولاـٔي ماڻھن لاء چانھ ڪوپ پيـٔڻ به ڄڻ دبـٔي گھمڻ برابر آھي ملڪي معيشت کان پوء ملڪي سياست جي حالت به ڪجھ اھڙي آھي بس وڙ وڪڙ تي ڪم ڪڍيو پيو وڃي اڳ ۾ حڪمرانن ھمراھن پنھنجي مسڪين ھمدردن سان گڏجي وڏي پيار پاٻوھ ۽ ڀاـٔيچاري سان ملڪ جي ٻنھي ايوانن مان 26 ھين آـٔيني ترميم پاس ڪراـٔي ورتي جنھن بعد اسان واري حڪومت کي خبرپـٔي ته يار 26 ھين ترميم ۾ ڪجھ شيون رھجي ويون آھن ان ڪري 27 ھين ترميم آڻجي جنھنجي تياري به ڪـٔي وـٔي ھـٔي پر وزيراعظم شھباز شريف جي پرڏيھي دورن جي ڪري عارضي طور تي 27 ھين ترميم کي ساـٔيڊ تي رکيو ويو ھاڻي ڏسجي ته حڪومت 27 ھين ترميم جي تياري ڪري ٿي يا نه پر جي حڪومت 27 ھين ترميم آڻڻ جو ارادو ڪيو ته ان کي پاس ڪراـٔڻ ڪو مسـٔلو نه ھوندو توڙي جو فض الرحمن 27ھين ترميم جي مخالفت ۾ بيان ڏنا آھن پر ان باوجود به حڪومت چاھي ته مولانا کان سواء به 27ھين ترميم پاس ڪراـٔي وٺندي ان ڪري ته ھاڻي ٻنھي ايوانن ۾ ميمبرن کي ضمير مطابق ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل آھي ان ڪري پي ٽي آـٔي جا ڪجھ آزاد ميمبر جن جو ضمير اڃان جيـٔيرو آھي اھي ميمبر پنھنجي ضمير جي سڏ کي لبيڪ ڪندي ضمير مطابق ووٽ ڏيندا جي انھن جو ضمير نه جاڳيو ته پوء اسان جو مسڪين ٽولو جن اڳ ۾ 26 ھين آـٔيني ترميم مھل بي اين پي مينگل جي سينيٽرن کي ميڙ منٿ ڪري انھن جو ستل ضمير جاڳاـٔي کين ووٽ ڏيڻ تي راضي ڪري ورتو ھو ھاڻي اھو ـٔي غريب ٽولو ميڙمنٿ قافلو کڻي وڃي ھنـن کي به راضي ڪري وٺندو ان ڪري ھاڻي 27ھين آـٔيني ترميم منظور ڪراـٔڻ حڪومت لاء ڪو وڏو مسـٔلو نه ھوندو پرعمران خان واري اشوء تي به ڪجھ چرپر ٿي ضرور آھي بشرا بي بي جي آزادي کان پوء ترجمان ڪي پي ڪي حڪومت بيريـٔسٽر سيف پاران جمھوريت لاء سڀني ڌرين سان ڳالھاـٔڻ واري بيان توڙي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پاران سخت لھجن مان ظاھر ٿـٔي پيو ته پي ٽي آـٔي ۽ اسان جي ملڪ جي غريب ٽولي وچ بيڪ ڊور ڪجھ ڳالھ ٻولھ ضرور ٿيون آھن جيڪڏھن اـٔين نه ھجي ھا ته پوء پي ٽي آـٔي ڊي چوڪ تي ڌرڻي جو اعلان ڪري ھا خير ڪجھ ڏينھن اندر اھو ڪليـٔر ٿي ويندو ته ڇا پي ٽي آـٔي ۽ غريب ٽولي وچ ۾ عوام جي بھتري لاء ڪو وچون رستو ڪڍيو ويو آھي يا نه خير اھا ڳالھ اھي ڄاڻن انھن جا ڪم اسان کي ڪو فاـٔدو ته ڏيـٔي نه سگھندا انھن جا فاـٔدا آھن اھي پاڻ ڄاڻن ھوڏانھن ٻـٔي پاسي امن امان واري حوالي سان ملڪي سطح تي ڪجھ چرپر ضرور نظر آـٔي آھي جو چين جي سفير پاران چيني شھرين جي تحفظ ۽ پاڪستان اندر سي پيڪ تي ڪم ڪرڻ بابت ڪجھ بيان سامھون آيا جنھن جي رد عمل ۾ اسان جي پرڏيھي کاتي چين جي سفير پاران ميڊيا تي آندل ڳالھين کي سفارتي لاڳاپن جي برعڪس قرار ڏنو ويو آھي حقيقت ۾ چين جي سفير پاران پنھنجي شھرين جي تحفظ بابت ڳـڻتي ظاھر ڪرڻ پٺيان دھشتگردي جا اھي واقعا ۽ حملا شامل آھن جيڪي اسان جي ملڪ ۾ چين جي شھرين مٿان ٿيا آھن اصل ۾ بلوچستان جي پابندي پيل ھٿياربند تنظيمن ڪيتراـٔي ڀيرا چين کي وارننگ ڏني ته چين پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۾ سي پيڪ ۽ سينڊڪ سميت ٻين پراجيڪٽن تي ڪم نه ڪري ۽ بلوچستان صوبي مان نڪري وڃي پر چيني حڪومت سان گڏو گڏ اسان جي حڪومت به انھن ڌمڪين کي سنجيدگي سان نه ورتو اھو ـٔي سبب آھي ته ڪجھ عرصي کان بلوچستان جي پابندي پيل ويڙھاڪ تنظيمن پاران بلوچستان اندر توڙي بلوچستان کان ٻاھر خاص ڪري ڪراچي ۾ چيني شھرين مٿان حملا ڪيا ويا آھن جنھن ۾ خود ڪوش حملا به شامل آھن ان ڪري چين ھاڻي سنجيدگي سان اسان جي ملڪ ۾ پنھنجي شھرين جي تحفظ تي فڪرمند آھي ڏسجي ته ھاڻي حڪومت چين جي شھرين جي تحفظ لاء ڇا ٿي ڪري پر ھڪ ڳالھ ضرورآھي ته ٻن ڏھاڪن کان وٺي وفاقي حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ بلوچستان مامري کي سنجيدگي سان ڳالھين ذريعي حل ڪرڻ بدران طاقت وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪـٔي آھي جيڪا پاليسي ناڪام ٿي آھي ۽ بلوچستان جون پابندي پيل ورڙھاڪ تنظيمون بلوچستان ۾ عام مذدورن کي قتل ڪرڻ جي واقعن مان اڳتي وڌي بلوچستان مان نڪري ڪري ڪراچي تاـٔين خودڪش حملا ڪرڻ لڳيون آھن جنھن ڪري چين اڄ شھرين جي تحفظ جي ڳالھ ڪري پـٔي اسان جي حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ کي بلوچستان مسـٔلي کي طاقت بدران ڳالھين ذريعي حل جي آپشن طرف وڃڻ گھرجي ان لاء ملڪ جي ٽاپ سياسي ليڊر شپ نوازشريف صدر آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمن محمود خان اچڪزـٔي ۽ اخترمينگل کي راضي ڪري ان کان سواء پي ٽي آـٔي ۽ بلوچستان جي سردارن کي شامل ڪري ھڪ سياسي ڪاميٽي ٺاھي پرڏيھ ويٺل بلوچن سان ڳالھيون ڪيون وڃن ته ضرور ڪو نه ڪو حل نڪري ايندو ٻي صورت ۾ طاقت جو استعمال نقصان کان سواء ڪجھ به نه ڏيندو ۽ امن امان جي حوالي سان ملڪي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون ھونــٔن به ڪجھ ڏينھن اڳ امن امان جي حوالي سان ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ پنھنجي رپورٽ ۾ پاڪستان کي دنيا جو ٽيون نمبر بدترين ملڪ قرار ڏنو آھي اھڙي صورتحال ۾ اھو ڪيـٔن ممڪن آھي ته اسان جو ملڪ سياسي سماجي معاشي ۽ جمھوري ترقي ڪري سگھي ان لاء سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي رڳو سياست پويا ڊوڙڻ بدران ٻين اھم ملڪي اشوز تي به ڌيان ڏنو وڃي ۽ انھن جي حل لاء جوڳا قدم کنيا وڃن

پهنجو تبصرو موڪليو